پاڪستان جون هوائي حدون افغانستان لاءِ بند ناهن، هوائي حدون اڏامن جي گذرڻ لاءِ کليل آهن: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (اين اين آءِ) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان جون هوائي حدون افغانستان لاءِ بند ناهن، اهي کليل آهن، سمورن پاڙيسري ملڪن سان سٺا لاڳاپا رکڻ حڪومت جي پاليسي آهي، وزيراعظم ڀارت سان پرامن لاڳاپن تي زور ڀريو، ڀارت يو اين اي سيشن ۾ ڪوڙا بهانا ڪري پوئتي هٽي ويو، پاڪستان ڪرتارپور لنگهه کولڻ ۾ اڳرائي ڪئي ۽ پلواما واقعي ۾ جاچ جي آڇ ڪئي، ايران اهم پاڙيسري آهي جنهن سان سياسي لاڳاپا مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون، جمعي تي شاهه محمود قريشي لکت ۾ جواب ۾ چيو ته پاڪستان جون هوائي حدون افغانستان لاءِ بند ناهن، اهي کليل آهن، سمورن پاڙيسري ملڪن سان سٺا لاڳاپا رکڻ حڪومت جي پاليسي آهي، وزيراعظم ڀارت سان پرامن لاڳاپن تي زور ڀريو، ڀارت يو اين اي سيشن ۾ ڪوڙا بهانا ڪري پوئتي هٽي ويو، پاڪستان ڪرتارپور لنگهه کولڻ ۾ اڳرائي ڪئي ۽ پلواما واقعي ۾ جاچ جي آڇ ڪئي، ايران اهم پاڙيسري آهي جنهن سان سياسي لاڳاپا مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون، هن چيو ته وزيراعظم آڪٽومبر 2019 ۾ چين جو دورو ڪيو، هن چيو ته چيني نائب صدر مئي 2019 ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو، پاڪستان پاران چين کي ڪشمير جي حوالي سان ڄاڻ ڏني وئي، چين ۽ پاڪستان وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ڪل 15 معاهدن تي صحيحون ٿيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *