پاڪستان جون دهشتگردي خلاف ڪارروايون عالمي امن لاءِ اهم آهن: آمريڪا جو اعتراف

واشنگٽن(م.ڊ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف واشنگٽن ۾ آرميڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري سان ملاقات ڪئي آهي، جنرل راحيل شريف آمريڪي پرڏيهي وزير سان ملاقات جي لاءِ اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ پهتو ته ان جو شاندار استقبال ڪيو ويو، جنرل راحيل شريف ۽ جان ڪيري جي ملاقات انتهائي خوش گوار ماحول ۾ ٿي، ٻنهي اڳوڻن آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دفاعي تعاون ۽ ٻه طرفن لاڳاپن کان علاوه خطي ۽ عامي سيڪيورٽي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ملاقات ۾ افغانستان جي حوالي سان به خاص ڳالهه بولهه ڪئي وئي، جنرل راحيل شريف آمريڪي پرڏيهي وزير کي پاڪ فوج جي طرفان دهشتگردن خلاف ڪيون ويندڙ ڪاررواين ۽ آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابين بابت آگاهه ڪيو، آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري پاڪستان کي آمريڪا جو اهم اسٽريٽجڪ پارٽنر قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف مثار ڪندڙ ڪاررواين جي ذريعي خطي ۽ عالمي امن و استحڪام ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *