پاڪستان تائيڪوانڊو فيڊريشن پاران ورلڊ جونيئر چيمپيئن شپ لاءِ قومي ٽيم جو اعلان

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستان تائيڪوانڊو فيڊريشن ورلڊ جونيئر تائيڪوانڊو چيمپيئن شپ لاءِ قومي ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان تائيڪوانڊو فيڊريشن جي صدر ڪرنل رٽائرڊ وسيم احمد جنجوعه مطابق ورلڊ جونيئر تائيڪوانڊو چيمپيئن شپ 15 کان 20 نومبر تائين ڪينيڊا ۾ کيڏي ويندي. ان ۾ آمريڪا ۾ سکيا حاصل ڪندڙ 3 رانديگرن نرما، واصف ۽ ماه نور پاڪستان جي نمائندگي ڪندا، هن چيو ته رانديگر 14 ڊسمبر تي ڪينيڊا روانا ٿيندا ۽ ايونٽ ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪندا. هن چيو ته ورلڊ جونيئر تائيڪوانڊو چيمپيئن شپ جي تياري لاءِ قومي رانديگرن جو تربيتي ڪيمپ پاڪستان اسپورٽس ڪامپليڪس اسلام آباد ۾ آهي، ويزا نه ملڻ جي ڪري ڪو به رانديگر ايونٽ ۾ شامل نٿو ٿي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *