پاڪستان بچائڻ جي ڳالهه ٿي ته اسان پاڪستان کپي جو نعرو لڳايو: آصف زرداري

لاهور (اين اين آءِ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان جمهوريت لاءِ آر اوز ۽ چوڌري افتخار جي چونڊ کي تسليم ڪيو، مستقبل ۾ به صرف پاڪستان جي بهتري لاءِ سياست ڪنداسين، بادشاهن وانگر اسان جي حڪمرانن جي سوچ ۾ به غرور ۽ تڪبر آهي ۽ انهن کي عوام، مزدرون، هارين جي ڪا به پرواهه نه آهي، اهي چون ٿا ته رستا، پلون ٺاهي ڪميشن ڪمائڻ جو ڌنڌو ڪندا رهو، اهڙن خيالن جو اظهار هن بلاول هائوس لاهور ۾ پاڪستان ڏهاڙي ۽ بيگم نصرت ڀٽو جي سالگره جي حوالي سان ڪيڪ ڪاٽڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي يوسف رضا گيلاني، قمر زمان ڪائرا، سردر لطيف کوسو، چوڌري منظور سميت ٻيا به ساڻس گڏ هئا، تقريب ۾ شهيدن لاءِ فاتح خواني ڪئي وئي، آصف زرداري چيو ته اسان بيگم نصرت ڀٽو جي ڏکن ۽ خوشين کي ڏٺو آهي، هو 7 کان 8 سالن تائين ڪوما ۾ هئي ۽ منهنجي نياڻين ان کي سنڀاليو، اسان هميشه پنهنجي ڏک، تڪليف، جيلن جون ازتين ۽ شهادتن کي پنهنجي طاقت ۾ تبديل ڪيو جڏهن به پاڪستان بچائڻ جي ڳالهه آئي ته اسان پاڪستان کپي جو نعرو هنيو، ڇو ته اسان پاڪستان جي قدر ۽ قيمت سمجهون ٿا، جتي انصاف ڪرڻ وارا وڪيل ۽ اسلام جي ٺيڪيدارن کان پڇيو ويندو اتي اسان کان به ان بابت پڇيو ويندو، اسان کي تاريخ ۾ به ان جو ازالو ڪرڻو پوندو، اسان کي شهيد ڀٽو جي اڳيان به جواب ڏيڻو پوندو، اسان کان ڪنهن سياسي پارٽي مطالبو نه ڪيو هو ۽ پارٽي تقريبن ۾ به اسان جا دوست پڇندا هئا ته صدر جا اختيار پارليامينٽ کي ڏنا پيا وڃن، ان بابت سوچيو وڃي، ڇو ته هاڻ بي بي اسان سان گڏ نه آهي، جنهن تي مون جواب ڏنو هو ته ان جو مشن ته اسان سان گڏ آهي، آر اوز ۽ چوڌري افتخار جي چونڊ سان فرق نه پيو، حڪومتون اينديون ۽ وينديون آهن پر تاريخ رهندي آهي، اسان هميشه تاريخ ۾ زنده رهڻ چاهيون ٿا، اسان افغانستان، ايران ۽ روس کي به ڏٺو آهي، بنگلاديش کي سانحي کي ڏٺو آهي پر اسان سبق نٿا سکون، جڏهن مان بلوچستان کان معافي گهران ته ان تي به ماڻهن اعتراز ڪيو، جڏهن اسان ڪي پي ڪي کي نالو ڏنو ته ان تي به اعتراز ٿيو پر اسان کي انهن اعترازن تي ڪو به اعتراز نه آهي ڇو ته اسان پاڪستان لاءِ جيڪو بهتر سمجهون ٿا اهو ڪيون ٿا، هن چيو ته پ پ جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي، اسان هر هنڌ پهرين سوچ پاڪستان جي سلامتي تي رکي آهي، اسان تاريخ ۽ دنيا جي واقعن مان سبق سکيو آهي، شام، عراق، يمن ۽ لبيا ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، شام ۾ ڳالهين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اسان چيو ته ان رستي تي نه هلو ان ۾ هزارين مرندا، لکين بي گهر ٿيندا پر سنگ دل ڪٿي ٿا سوچين، هن چيو ته جڏهن مان صدام ۽ وڏن وڏن بادشاهن سان ملندو هيس ته انهن جي رويي ۾ تڪبر ڏسندو هيس ۽ اهو اڄ اسان جي حڪمرانن ۾ به آهي، اهي نٿا سمجهن ته غريب جو ڇا ٿيندو، ان کي پاڻي ۽ بک جي ڪا به پرواهه نه آهي، نوڪريون ڪٿان اينديون.  بلاول هائوس لاهور ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ پاڪستان تنهنجا جانثار بي شمار بي شمار جا نعرا لڳايا ويا، تقريب دوران ڪارڪنن زرداري تنهنجا جانثار بي شمار بي شمار جا نعرا هنيا ته آصف زرداري مسڪرائيندي چيو ته اڄ جي ڏينهن جي مناسبت سان زرداري نه پر پاڪستان تنهنجا جانثار بي شمار بي شمار جا نعرا لڳائڻ جو وقت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *