پاڪستان بيٽسمين گراهم ڪوچ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، يونس خان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ دنيا جو 14هون بيٽسمين بڻجي ويو

دبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ٽيم جو سينيئر ۽ تجربيڪار بيٽسمين يونس خان گراهم ڪوچ جو رڪارڊ ٽوڙيندي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ دنيا جو 14هون رانديگر بڻجي ويو آهي. يونس خان انگلينڊ خلاف جاري ٻي ٽيسٽ جي پهرين اننگ ۾ شروعاتي 4 رنسون ٺاهي گراهم ڪوچ جو وڌيڪ رنسن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. گراهم ڪوچ 8900 رنسون ٺاهيون هيون ٽيسٽ تاريخ ۾ وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جو عالمي اعزاز سچن ٽنڊولڪر وٽ آهي جنهن 15921 رنسون ٺاهيون آهن. انگلينڊ خلاف سيريز جي ٻي ٽيسٽ ميچ جي پهرين اننگ ۾ يونس خان شروعاتي 4 رنسون ٺاهي گراهم ڪوچ جو رڪارڊ ٽوڙي دنيا جو 14هون بيٽسمين بڻجي ويو. هن شاندار بيٽنگ ڪئي ۽ 56 رنسون ٺاهڻ بعد مارڪ ووڊ جي بال تي آئوٽ ٿيو. هن هاڻي تائين 8953 رنسون ٺاهيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *