پاڪستان بيلسٽڪ ميزائل شاهين 3 جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو

راولپنڊي (اين اين آءِ) پاڪستان بيلسٽڪ ميزائل شاهين ٿري جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي جنهن دوران ميزائل عربي سمنڊ ۾ پنهنجي عهد کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان شاهين 3 ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي، زمين کان زمين تائين 2 هزار 750 ڪلو ميٽر رينج واري شاهين ٿري ميزائل جي تجربي ۾ ويپن سسٽم جي ٽيڪنيڪل پيراميٽرز کي جانچيو ويو جڏهن ته شاهين ٿري تجربي دوران عربي سمنڊ ۾ پنهنجي هدف کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *