پاڪستان ايم ڪيو ايم بابت بي بي سي جي رپورٽ تي برطانيه کان باضابطا طور مدد گهري ورتي

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان بي بي سي جي رپورٽ تي برطانيه کان باضابطا طور مدد گهري ورتي، پرڏيهي کاتي برطانيه اختيارين کي خط لکي ڇڏيو، خط ۾ چيو ويو آهي ته بي بي سي جي رپورٽ ۾ ڪيل انڪشافن ۽ حقيقتن تائين پهچ لاءِ مدد ۽ ڄاڻ فراهم ڪئي وڃي….. وفاقي گهرو وزارت جي منظوري کانپوءِ پرڏيهي کاتي پاران ايم ڪيو ايم بابت بي بي سي تي نشر ٿيل رپورٽ جي حقيقتن جي ڄاڻ تائين پهچ لاءِ برطانيه حڪومت کي خط لکيو ويو. پرڏيهي کاتي پاران لکيل خط پاڪستاني سفارتخاني ذريعي لاڳاپيل اختيارين تائين پهچايو ويندو. خط ۾ چيو ويو ته برطانيه جي هڪ معتبر اداري بي بي سي جي رپورٽ ۾ متحده بابت ڪيل انڪشافن کانپوءِ حڪومت پاڪستان ۽ قومي سلامتي وارن ادارن ۾ ڳڻتي ڇانيل آهي، بي بي سي جي رپورٽ ۾ ڪيل انڪشافن ۽ حقيقتن تائين پهچ لاءِ مدد ۽ ڄاڻ فراهم ڪئي وڃي.. خط ۾ چيو ويو ته ايم ڪيو ايم کي ملندڙ ڀارتيفنڊنگ توڙي ڪارڪنن جي ڀارت ۾ سکيا بابت ثبوت فراهم ڪيا وڃن، برطانيه پوليس پاران ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن سان ڪيل پڇاڳاڇا جا به تفيصل فراهم ڪيا وڃن. خط ۾ برطانيه سان ٿيل پاڪستان جي مختلف معاهدن جو حوالو ڏنو ويو، جڏهن ته خط ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي پاڪستان مخالف تازي بيان جو به ذڪر ڪيو ويو آهي….. واضح رهي ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي گذريل ڏينهن بي بي سي جي رپورٽ تي برطانيه حڪومت کي خط لکڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن کانپوءِ وزيراعظم نواز شريف خط لکڻ جي منظوري ڏني هئي..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *