پاڪستان ايران طرفان لڳايل دهشتگردي جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان جون هٿياربند فوجون اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪاميابي سان آپريشن ڪري رهيون آهن ۽ پاڪستان عالمي برادري تي زور ڀري ٿو ته اها به دهشتگردي جي پاڙ پٽڻ لاءِ پاڪستان جو ساٿ ڏئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان تسنيم اسلم جمعي ڏينهن هتي هفتيوار ميڊيا بريفنگ ڏيندي چيو ته دهشتگردي هڪ عالمي خطرو آهي ۽ اسان کي ان برائي کي ختم ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي. هڪ سوال جو جواب ڏيندي پرڏيهي ترجمان چيو ته ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ دهشتگردي جي واقعن تي ڳالهيون ڪرڻ جو ميڪانزم موجود آهي، ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جا پاڙيسري آهن ۽ انهن جا هڪ ٻئي سان بهترين دلي ناتا آهن. ايران جي اسلامڪ رولوليوشن گارڊز ڪور جي ڊپٽي ڪمانڊر طرفان ڏنل بيان بابت سوال جو جواب ڏيندي تسنيم اسلم چيو ته اسان کي اهڙن واقعن تي تڪڙو رد عمل ظاهر نه ڪرڻ گهرجي خاص طور تي ان وقت جڏهن ڪو ثبوت ۽ شاهديون نه هجن. هن ايران تي زور ڀريو ته اهو دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ دهشتگردي بابت ثبوت پاڪستان سان شيئر ڪري. هن چيو ته گذريل ڀيري پاڪستان تي ايراني گارڊز جي اغوا جو الزام هنيو ويو جيڪو غلط ثابت ٿيو. هن چيو ته اهو واقعو ايران جي حدن اندر پيش آيو. لائين آف ڪنٽرول تي ٿيندڙ خلاف ورزين بابت پرڏيهي ترجمان چيو ته ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ جي واقعن ۾ 12 پاڪستاني شهيد جڏهن ته 52 زخمي ٿيا آهن. هن چيو ته عالمي برادري به لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري وٽ ٿيل خلاف ورزين تي تحفظات جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي ترجمان ڀارتي اختيارين تي زور ڀريو ته اهي ڳالهين جي ميز تي اچن ۽ ڪشمير سميت تڪراري مسئلن بابت ڳالهيون ڪن. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ هٿيارن جي ڊوڙ جي حمايت نه ٿو ڪري ڇو ته ان خطي کي جنگ نه امن جي ضرورت آهي. تسنيم اسلم چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ پنهجي مفاد ۾ شروع ڪئي ۽ اهو يقين به ڏياريو ته ان جي سرزمين کي ڪنهن به ملڪ خلاف استعمال ڪرڻ نه ڏنو ويندو ۽ ان حوالي سان برابري جي بنياد تي ملندڙ جواب دهشتگردي خلاف جاري ڪوششن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائيندو. هن ڪاسا-1000 منصوبي جي حوالي سان ٿيل اڳڀرائي جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ٿيل ان معاهدي سان علائقائي ڳانڍاپي جو مسئلو حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اهو منصوبو پاڪستان جو توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ سان گڏوگڏ افغانستان جي معاشي ترقي جي حوالي سان به اهم آهي. پرڏيهي ترجمان سوئيڊن طرفان فلسطين کي تسليم ڪرڻ ۽ برطانوي پارليامينٽ ۾ ٺهراءَ جي منظوري کي اهم اڳڀرائيون قرار ڏنو. هن چيو ته دنيا اهو محسوس ڪرڻ شروع ڪيو آهي ته فلسطين هڪ آزاد ۽ خود مختيار رياست آهي. ايبولا وائرس جي حوالي سان پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان جا پرڏيهه خاص طور تي ايبولا کان متاثر ملڪن ۾ سفارتي ۽ امن برقرار رکڻ لاءِ مقرر مشن صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايچ او) طرفان ڏنل رهنما اصولن تي عمل ڪري رهيا آهن. تسنيم اسلم چيو ته پاڪستان به ان وائرس جي ملڪ اندر ڦهلاءَ کي روڪڻ لاءِ حفاظتي اپاءَ ورتا آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *