پاڪستان امن مشن ۾ وڏو ڀاڱي ڀائيوار آهي: نواز شريف

نيويارڪ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته گڏيل قومن جي امن مشن ۾  شامل پاڪستاني دنيا جي ڏکي محاذن تي خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن،  پاڪستان  سڄي دنيا جي امن لاءِ گڏيل قومن جي امن مشن سان سهڪار جاري رکندو ايندو. نيويارڪ ۾ امن سربراهه ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته امن مشن عالمي امن ۽ دنيا جي سلامتيءَ جو ضامن آهي، امن جي بحالي ڪنهن هڪ نه سڀني ملڪن جي گڏيل ذميواري آهي، ان ڪري بنيادي اصولن کي نظر ۾ رکڻو پوندو. وزيراعظم نواز شريف چيو ته پاڪستان امن مشن ۾ وڏو ڀاڱي ڀائيوار آهي ۽ پاڪستان امن مشن جي رستن جو تعين ڪرڻ ۾سڀني سڀني کان اڳيان آهي. وزيراعظم چيو ته جهڙي طرح پاڪستان امن مشن لاءِ بهترين ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، اهڙي طرح پاڪستان گڏيل قومن جي امن مشن ۾مددگار بڻجندو رهندو. وزيراعظم نواز شريف چيو ته گڏيل قومن  جي اعليٰ سطحي پينل ۽ سيڪريٽري جنرل جون رپورٽس اهم آهن ۽ اهي رپورٽس امن جي قيام ۾ پيش ايندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون. وزيراعظم نواز شريف چيو ته گڏيل قومن جي امن مشن ۾ شامل پاڪستان جا امن دستا دنيا جي ڏکين محاذن تي خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن، نيڪ ڪم لاءِ جان جي قرباني ڏيندڙن کي ڀيٽا پيش ڪيان ٿو.  وزيراعظم نواز شريف چيو ته پاڪستان امن جٿن جي مختلف ملڪن ۾ تقسيم لاءِ مشاورت جي تجويز ڏني آهي، امن مشن جي اثرائتي ڪردار لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *