پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي ترجمان قاضي خليل الله چيو آهي ته پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، قومي مفادن جي تحفظ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا ويندا.اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان ڀارت سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو، خطي ۾ امن جي بحالي لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي.هن چيو ته دهشتگردي خلاف شروع ڪيل آپريشن ضرب عضب کي سال مڪمل ٿيڻ تي هــــُـو پاڪ فوجکي مبارڪباد ڏي ٿو، جڏهن ته سموري قوم کي پاڪ فوج تي فخر آهي.سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج دهشتگردن خلاف فيصلائتي جنگ ۾ رڌل آهي، سموري دنيا آپريشن ضرب عضب کي ساراهيو آهي.پرڏيهي ترجمان پاڪ-ڀارت لاڳاپن بابت ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ڀارت سان ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو.هن چيو ته پاڪستان ڀارت سميت پاڙيسرين سان بهتر لاڳاپن جو حامي آهي، پاڪ-چين اقتصادي راهدراي منصوبو هر صورت ۾ مڪمل ڪيو ويندو.قاضي خليل چيو ته ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي 2 ڏينهن اڳ وزير اعظم نواز شريف کي فون ڪيو، جنهن دوران ٻنهي ملڪن ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ گهٽائڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.پرڏيهي ترجمان واضح ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ تڪرار آهن، جن کي حل ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت لڳي ويندو، جڏهن ته معاملن جي حل لاءِ ڪوششون جاري آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *