پاڪستان افغانستان ۾ امن چاهي ٿو: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم ميان نواز شريف، افغانستان کي هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن چاهي ٿو. پرائيم منسٽر هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم ميان نواز شريف سان افغانستان جي سفير جانان موسازئي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خطي جي سڪيورٽي صورتحال سميت پاڪ – افغان لاڳاپن بابت ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي وزيراعظم ميان نواز شريف ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ پائيدار امن چاهي ٿو. ميان نواز شريف چيو ته اسلام آباد ڪابل سان هر ممڪن سهڪار جاري رکندو. ٻئي طرف وزيراعظم ، سينيٽ چونڊن دوران پارٽي ميمبرز کي حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، نواز شريف چيو آهي ته ن ليگ جا قومي توڙي صوبائي اسيمبلين جا ميمبر هلندڙ هفتي جي اجلاسن ۾ هر صورت ۾ حاضري يقيني بڻائين. وزيراعظم هائوس جي ترجمان موجب، ميان نواز شريف مسلم ليگ ن جي سربراهه طور پارٽي جي ميمبرز کي هدايتون جاري ڪيون آهن. وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته 5 مارچ تي سينيٽ چونڊون ٿي رهيون آهن،جيڪو انتهائي اهم مرحلو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ن ليگ جا قومي توڙي صوبائي اسيمبلين جا ميمبر هر صور ت ۾ اجلاسن دوران حاضري يقيني بڻائين. واضح رهي ته سينيٽ چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل 5 مارچ تي ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *