پاڪستان اسڪوائش فيڊريشن سائوٿ ايشين گيمز لاءِ 5 ميمبرن تي ٻڌل وومين ٽيم جو اعلان

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستان اسڪوائش فيڊريشن سائوٿ ايشين گيمز لاءِ 5 ميمبرن تي ٻڌل وومين ٽيمن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان اسڪوائش فيڊريشن جي سيڪريٽري گروپ ڪيپٽن عامر نواز چيو آهي ته ڀارت ۾ ٿيندڙ سائوٿ ايشين گيمز لاءِ وومن رانديگرياڻين جي چونڊ ڊي جي رينجر اسڪوائش چيمپيئن شپ ۽ پي ايس اي ۾ رانديگرن جي ڪارڪردگي کي سامهون رکندي ڪئي وئي آهي. جنهن م ماريا طور، سعديه گل، ثمر انجم ۽ مقدس اشرف شامل آهن جڏهن ته ستوت بابر مينجر طور ٽيم سان گڏ هوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *