پاڪستان آپريشن ضرب عضب بابت آمريڪي دفاعي وزارت جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان آپريشن ضرب عضب بابت آمريڪي دفاعي وزارت جي رپورٽ رد ڪندي چيو آهي ته آپريشن ۾ دهشتگردن خلاف ڪوبه فرق نه ڪري رهيا آهيون، پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته فوجي آپريشن کان پهريان افغانستان ۽ آمريڪا کي اعتماد ۾ ورتو ويو هو اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ۾ پرڏيهي وزارت جي ترجمان تسنيم اسلم ٻڌايو ته خطي ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڳالهيون ضروري آهن قانون نافذ ڪندڙ ادارا لاهور ۾ واهگابارڊر تي ٿيندڙ بم حملي ۾ جاچ ڪري رهيا آهن، پرڏيهي ترجمان ٻڌايو ته وزيراعظم نواز سريف چين جي دوري تي روانو ٿيندو جتي هو چيني هم منصب ۽ چيني صدر سان ملاقاتون ڪندو وزيراعظم چين جي دوري دوران مختلف معاهدن تي به صحيحون ڪندو ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف پنهنجي افغانستان جي دوري دوران افغا اختيارين سان سرحدي معاملن تي ڳالهيون ڪندو هن جو چوڻ هو ته افغان صدر جلد پاڪستان جو دورو ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *