پاڪستاني ڪرڪيٽر فخرالزمان ڪائونٽي ٽيم سمرسيٽ سان معاهدو ڪري ورتو

لاهور(اسپورٽس نيوز)  پاڪستان ڪرڪيٽ تيم جي اوپنر ۽ چيمپيئنز ٽرافي ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ فخرالزمان جو انگلش ڪائونٽي سمرسيٽ سان معاهدو ٿي ويو پي سي بي ذريعن مطابق کاٻي هٿ جو اوپنر ۴ هفتن لاءِ ڪائونٽي طرفان کيڏندو جڏهن ته پي سي بي طرفان ان کي اين او سي به جاري ڪئي وئي آهي ذريعن جو چوڻ آهي ته فخرالزمان کي ڪيريبيئن پريميئر ليگ طرفان به کيڏڻ جي پيشڪش هئي پر هن انگلش ڪائونٽي سمرسيٽ طرفان کيڏڻ کي ترجيح ڏني فخر کان علاوا قوم ٽيم جي ڪيترائي رانديگر سرفراز احمد، محمد عامر، شاهد آفريدي، عماد وسيم ۽ جنيد خان به مختلف ڪائونٽين سان معاهدو ڪري چڪا آهن. ۰۳

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *