
لنڊن (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڄائو برطانوي باڪسر عامر خان 7 مئي تي لاس ويگاس جي هنڌ تي سائول ايلواريز خلاف ڊبليو ڊي سي ورلڊ مڊل ويٽ ٽائيٽل جي لاءِ رنگ ۾ لهندو. 29 سالن جو عامر خان گذريل سال مئي ۾ نيويارڪ ۾ ٿيل فائيٽ ۾ ڪرس الجيري کي هارايو هو ۽ ان کان پوءِ هو ٻه ڀيرا رنگ ۾ نه لٿو آهي ٻئي پاسي ايلواريز گذريل سال نومبر ۾ حريف باڪسر کي شڪست ڏيئي ٽائيٽل کٽڻ جو اعزاز حاصل ڪيو ايلواريز 48 مقابلن مان 46 مقابلن ۾ سوڀ حاصل ڪئي آهي جڏهن ته هڪ ۾ کيس شڪست جو منهن ڏسڻو پيو عامر خان جو چوڻ آهي ته منهنجو مقصد هميشه وڏن ۽ بهترين باڪسرز سان مقابلو ڪرڻ هجي ٿو اهو ئي سبب آهي جو مون کي ان وڏي باڪسر سان مقابلو ڪرڻ تي خوشي آهي.