پاڪستاني ٽيم سڀ کان وڌيڪ ٽيسٽ ميچون کٽندڙ ايشيائي ٽيم بڻجي وئي

گال (اسپورٽس نيوز)پاڪستاني ٽيم سڀ کان وڌيڪ ٽيسٽ ميچون کٽندڙ ايشيائي ٽيم بڻجي وئي آهي، گرين شرٽس سريلنڪا کي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست ڏئي ڀارت کان وڌيڪ ڪاميابين جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، ٽيسٽ ميچن ۾ وڌيڪ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جو عالمي اعزاز آسٽريليا وٽ آهي، آسٽريليا 364، انگلينڊ 341، ويسٽ انڊيز 164 ۽ ڏکڻ آفريقا 144 ڪاميابين سان پهرين، ٻئين، ٽئين ۽ چوٿين نمبر تي آهن، پاڪستاني ٽيم سريلنڪا خلاف پهرين ٽيسٽ لاءِ جڏهن ميدان تي لٿي ته اها 122 ڪاميابين سان ڀارت سان گڏ هئي، پاڪستاني ٽيم سريلنڪا کي شڪست ڏئي ڀارت جو وڌيڪ ڪاميابين جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، گرين شرٽس 390 ٽيسٽ ميچون کيڏي 123 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته ڀارت 488 ميچن مان 122 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *