پاڪستاني وزير اعظم جو نالو پاناما ليڪس مان ناهي ڪڍيو نه ئي معافي ورتي: سربراهه پاناما پيپرز

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاناما پيپرز جي سربراه جيرالڊ رائل هڪ ڀيرو وري پاناما ليڪس ۾ وزير اعظم نواز شريف جو نالو ڪڍڻ وارين خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڊائريڪٽر آءِ سي آءِ جي جيرالڊ رائل چيو آهي ته وزير اعظم نواز شريف جو نالو هٽائڻ جي خبر به غلط آهي. اسان  ڪنهن کان معافي  نه ورتي آهي. نجي ٽي وي چينل اي آر واءِ سان ڳالهائيندي جيرالڊ رائل چيو ته اسان پنهنجي وضاحت ۾ رڳو ايترو چيو ته وزير اعظم نواز شريف جي ٻارن جي نالي آف شور ڪمپنيون آهن. هن چيو ته پاناما پيپرز ۾ خبر ڇپجڻ کان اڳ پاڪستان جي وزير اعظم کي خبر هئي. جن جن جا نالا پاناما ليڪس ۾ آيا آهن انهن کي خط لکي موقف ڏيڻ جو چيو هو . هن چيو ته اسان نه معافي ورتي آهي نه معافي واري پريس رليز جاري ڪئي. اسان جي حڪومت به معافي وٺڻ جو نه چيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *