پاڪستاني معيشت آئي ايم ايف کان بغير به هلي سگھي ٿي : وزيراعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ)وزيراعظم شاهد خاقان  عباسي چيو ته پاڪستاني معيشت آئي ايم ايف کان بغير به هلي سگھي ٿي، هاڻي ڪو  نئون قرض يا پروگرام وٺنداسين ۽ نه  ئي رپئي جي قدر ڪيرائيڻ جو  ڪو ارادو آهي.  اهڙن خيالن جو اظهار  هن گذريل ڏينهن گورنر هائوس  ڪراچي ۾ سينئر اسٽاڪ بروڪرز ۽ صنعتڪارن سان ملاقات جي موقعي تي ڪيو،  وزيراعظم  سيڙپڪارن ۽ اسٽاڪ ايڪسچينجي جي اڳواڻن سان  ملاقات ۾ اقتصادي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻول ڪئي. ان موقعي تي شاهد خاقان عباسي کي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج  جي گذريل  چار سالن  جي گڏيل ڪارڪردگي سان آگاهه ڪيو ويو . وزيراعظم کي  اسٽاڪ ايڪسچينج جي عهديدارن سان انڊيڪس ۾ تازو ئي گھٽتائي جي سببن جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم شاهد  خاقان عباسي چيو ته  پاڪستاني معيشت  آئي ايم ايف  کانسواءَ به  هلي سگھي ٿي.  آئي ايم ايف  سان ڪو به نئون  قرض يا پروگرام نه وٺنداسين ۽ حڪومت  جو رپئي جي قدر ڪيرائڻ جو ڪو ارادو ناهي، ان کانسواءِ اسٽاڪ مارڪيٽ تي لڳايل ٽيڪسن تي نظرثاني ڪئي ويندي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اسٽاڪ مارڪيٽ جي مسئلن تي اعليٰ اختياراتي ڪميٽي ٺاهي ڇڏي. ڪميٽي جو سربراهه گورنر محمد زبير هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *