پاڪستاني قيادت افغانستان ۾ امن جي خواهشمند آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستاني قيادت افغانستان ۾ امن جي خواهشمند آهي افغانستان بابت اسان جي پاليسي چٽي آهي اسان افغانستان ۾ ڪنهن هڪ گروپ جي حمايت يا ان کي مضبوط نه پيا ڪريون پر هڪ اهڙو ماحول جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ افغانستان جا سڀ گروپ پاڻ ۾ گڏجي ويهي گڏيل حڪومت جوڙي سگهن. اسان خطي ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا وڌائڻ چاهيون ٿا، سينٽرل ايشيائي رياستن تائين پهچ جو دارومدار مستحڪم افغانستان تي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ افغان يوٿ فورم جي اهتمام هيٺ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو چوڌري فواد حسين چيو ته هن وقت افغانستان ۾ ڪوئي اهڙو گروپ ان پوزيشن ۾ نه آهي جيڪو سڄي افغانستان تي حڪومت ڪري سگهي جيڪڏهن هڪ گروپ ڪابل تي قبضو ڪري ٿوته ٻيو ان ۾ رنڊڪ وجهي ٿو اهڙي صورتحال ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته اسان افغانستان ۾ امن لاءِ جيڪو ڪري سگهون ٿا، ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون هي هڪ ڏکيو ڪم آهي هن ٻڌايو ته سپر طاقتون پنهنجي ڪارروائي ڪري هليون وڃن ٿيون ۽ نتيجا اسان کي ڀوڳڻا پون ٿا پاڪستان ۽ افغانستان سپر پاورز جي ڪارروائين جا نتيجا ڀوڳيا چوڌري فواد چيو ته اسان افغانستان لاءِ هڪ مضبوط مستقبل جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا اهيون اسان کي يقين آهي ته هن خطي جو مضبوط معاشي مستقبل هڪ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان تي منحصر آهي اسان جون سموريون ڪوششون هاڻي ان طرف آهن. فواد چوڌري چيو ته پاڪستان جي مستقبل جي معيشت مستحڪم افغانستان جو نتيجو آهي اسان وچ ايشيائي رياستن سان مضبوط مواصلاتي رابطا چاهيون ٿا انهيءَ مقصد لاءِ وزيراعظم عمران خان ازبڪستان جو دورو ڪيو هن چيو ته ازبڪستان سان اسان پشاور کان مزار شريف ۽ پوءِ تاشقند تائين ريلوي ٽريڪ جي معاهدي تي به صحيحونڪيون آهن اسان افغانستان جي رستي سينٽرل ايشيائي رياستن تائين ٽرڪن جي ذريعي واپار وڌائڻ چاهيون ٿا هن چيو ته گوادر ۽ ڪراچي پورٽس کي وچ ايشيائي رياستن تائين پهچ ڏيڻ جو دارومدار مستحڪم افغانستان تي آهي. ڇو ته صرف مستحڪم ۽ پرامن افغانستان سان ئي سينٽرل ايشيائي رياستن ۽ خطي ۾ مواصلاتي رابطا ممڪن ٿي سگهن ٿا سڌسماءَ جي وفاقي وزير ٻڌايو ته افغان نوجوانن وزيراعظم عمران خان ۽ چيف آف آرمي اسٽاف سان به ملاقات ڪئي ۽ ان جو موقف به معلوم ڪيو وزيراعظم عمران خان سان افغانستان جي نوجوانن ۽ صحافين جي ملاقات جوپروگرام پشتو ۽ دري سب ٽائيٽلز سان آن ايئر ٿيو اميد آهي ته افغانستان جي وڌيڪ آبادي کي هن پروگرام سان پاڪستان جي پاليسي بابت ڄاڻ ملندي هنچيو ته وزيراعظم عمران افغانستان جي نوجوانن ۽ صحافين سان ملاقات ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جي مستقبل بابت ڳالهايو وفاقي وزير افغان نوجوانن کي مخاطب ڪندي چيو ته اسلام آباد هڪ خوبصورت شهر آهي ان بابت مختلف سطحن تي غلط فهميون پيدا ڪيون ويون اهڙِ قسم جا دورا اهڙين غلط فهمين کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا هن چيو ته پاڪستان جي سينيئر صحافين جي ڪابل جي دوري جو انتظام ڪري رهيا آهيون جتي اهي افغان قيادت سان ملاقاتون ڪندا چوڌري فواد چيو ته اسان جو يقين آهي جو ميڊيا واحد رستوآهي جنهن جي ذريعي اسان پنهنجو موقف عوام تائين پهچائي سگهون ٿا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *