پاڪستاني قوم  ڪشمير جي ماڻهن سان گڏ بيٺي آهي ۽ بيٺي رهندي: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪن جي لاءِ انسانن کان وڌيڪ پيسو اهم آهي تڏهن ئي ته والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلم کي عالمي ميڊيا ۾ ڪوريج نه پئي ڏني وڃي. اسلام آباد ۾ ڪشمير سان ٻڌي جي اظهار لاءِ انساني هٿن جي زنجير بڻائڻ جي موقعي تي موجود شرڪت ڪندڙن سان خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته اڄ هتي اسان ان ڪري گڏ ٿيا آهيون ته ڪشميرين کي پيغام  ڏيو ته پاڪستاني قوم  ڪشمير جي ماڻهن سان گڏ بيٺي آهي ۽ بيٺي رهندي. هن چيو ته اسان هر هر دنيا کي اِهو پيغام ڏينداسين ته 80 لک انسانن کي ڀارت جي فوج ڪرفيو ۾ بند ڪيو آهي، جنهن کي 2 مهينن کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي، عالمي ميڊيا هانگ ڪانگ جي احتجاج کي فرنٽ پيج، شهه سرخي ۽ خبرن ۾ بيان ڪري رهيو آهي ته اُتي هڪ جمهوري تحريڪ هلي رهي آهي جڏهن ته اُتي ٿورا ئي ماڻهو زخمي ٿيا ۽ کان 3 مارجي ويا آهن. پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ 80 لک ماڻهن کي بند ئي بند ناهي ڪيو، ٻار، پوڙهام عورتون ۽ بيمار سڀ ماڻهو بند آهن ۽ عالمي ميڊيا ۾ ان جي ڪوريج نه ٿيڻ جي برابر آهي، گذريل 30 سالن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک ڪشميرين جي شهادت ٿي ڇو ته هو پنهنجو حق گهري رهيا آهن جيڪي عالمي برادري، گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪونسل ڏنو هو ۽ اُهو حق خوداراديت آهي. وزير اعظم چيو ته ڪشميرين کي حق ڏنو ويو هو ته هو پنهنجي جو فيصلو پاڻ ڪندا هو حق نه ملڻ تي احتجاج ڪندا آهن، جنهن تي ڀارتي فوج ظلم ڪندي آهي پر ڀارتي ظلم جي اِهي داستان ڪڏهن ڪڏهن عالمي اخبارن ۾ ايندا آهن. عمران خان چيو ته اڄ دنيا جي سامهون ان ٻٽي معيار کي سامهون رکڻ چاهيان ٿو ته هڪ پاسي هڪ خطي ۾ ٿيل مظاهرن کي ايترو ڏيکاريو پيو وڃي جڏهن ته ٻئي پاسي ايترو ظلم ٿي رهيو آهي ۽ ان کي نه پيو ڏٺو وڃي، گڏوگڏ ئي هن چيو ته هانگ ڪانگ ته چين جو حصو آهي جڏهن ته والاريل ڪشمير ته ڀارت جو حصو به ناهي هو ته هڪ تڪراري علائقو آهي. ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي هن چيو ته افسوس سان اِهو چوڻو پئجي رهيو آهي ته هتي دنيا اِهو ڏسي ٿي ته  هڪ ارب کان وڌيڪ ماڻهن جو ملڪ آهي، جنهن سان واپار ٿي سگهي ٿو ۽ ملڪن جي لاءِ پيسو انسانن کان وڌيڪ اهم آهي. هن چيو ته افسوس!  والاريل ڪشمير ۾ ايترو  ظلم ٿي رهيو آهي پر ميڊيا تي ان جي ايتري گهٽ ڪوريج آهي پر آئون پنهنجي قوم کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته الله انسان جي هٿ ۾ ڪوشش ڏني آهي ڪاميابي الله ڏيندو آهي. ڪشميرين سان ٻڌي لاءِ موجود ماڻهن سان خطاب ۾ وزير اعظم  چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ ڪندا رهنداسين، اسان جي پوري قوم ڪوشش ڪندي ۽ ڪشميرين کي ٻڌائينداسين ته اسان توهان سان گڏ آهيون، انشاء الله اسان جي اِها تحريڪ سمنڊ بڻجي ويندي. سندس چوڻ هو ته اِها  هڪ تحريڪ، جدوجهد آهي، نريندي مودي جيڪا حماقت ڪئي آهي ۽ پنهنجو آخري پتو کيڏي ورتو آهي، ڪشمير جا ماڻهو انتها تي پهچي ويا آهن ۽ انهن کي موت جو خوف ختم ٿي چڪو آهي، جيئن ئي ڪرفيو کڄندو ڪشميري روڊن تي نڪرندا ۽ منهنجو ايمان آهي ته اِهو رستو ڪشميرين جي آزادي جو آهي. ان کان اڳ وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ وڏي انگ ۾ عوام روڊن تي نڪتو ۽ ان سلسلي ۾ هڪ ريلي به ڪڍي وئي، جنهن ۾ ملڪ جو صدر ڊاڪٽر عارف علوي به شريڪ ٿيو. ان سان گڏوگڏ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جبر جي ڪري محصور ٿيل مظلوم ڪشميرين سان ٻڌي جي لاءِ انساني هٿن جي زنجير بڻائي وئي، جنهن ۾  ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزير اعظم عمران خان پاڻ به شريڪ ٿيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *