پاڪستاني قوم ڪشميرين کي اڪيلو نه ڇڏيندي: سراج الحق

پشاور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پاڪستاني قوم ڪشميرين کي اڪيلو نه ڇڏيندي، ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني کي خاطري ڪرايون ٿا ته پاڪستان انهن سان گڏ آهي. صحافين سان ڳالهائيندي سينيٽر سراج الحق چيو ته ايل او سي تي ڀارتي شر پسندي وڌي وئي آهي، عالمي برادري ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جو نوٽيس وٺي. هن چيو ته ڀارت خطي کي جنگ جي باهه ۾ ڌِڪڻ چاهي ٿو، ڪلسٽر بمن سان وڏي تباهي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، رت جي آخري ڦڙي تائين ڪشميرين جو ساٿ ڏينداسين، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته حڪمرانن کي مذمتي بيانن کان اڳتي وڌڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *