پاڪستاني فلم ”پرچي“ سعودي سئنيما گهرن جي زينت بڻجندي

رياض (شوبز نيوز) سعودي عرب ۾ ايندڙ سال مارچ کان ٻيهر کلندڙ سينما گهرن ۾ پاڪستاني فلم ‘‘پرچي’’ کي به چونڊيو ويو آهي. ميڊيا مطابق تقريبن 35 سالن کانپوءِ سعودي عرب ۾ ايندڙ سال مارچ ۾ سينما گهر ٻيهر کلندا، ان سلسلي ۾ ميڊيا ڪنٽرول ڪندڙ اداري سعودي عرب ۾ سينما گهرن ۾ ڏيکاري ويندڙ فلمن لاءِ چونڊ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. سعودي وزير ثقافت ۽ اطلاعات عواد بن صالح سينما گهرن جي آغاز جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. سعودي ميڊيا مطابق انتظاميا پاران ڪجهه فلمن جي منظوري به ڏني وئي آهي، انهن فلمن ۾ پاڪستاني فلم ‘‘پرچي’’ به شامل آهي، جيڪا سعودي ۾ پاڪستاني فلمن مان سڀ کان پهرين ڏيکاري ويندي، جنهن جي ڪاسٽ ۾ حرمين فاروق، علي رحمان خان ۽ شفقت چيما شامل آهن. فلم جي مرڪزي ڪردار حرمين فاروق جو چوڻ آهي ته فلم ‘‘پرچي’’ جو سعودي ٿيٽر لاءِ پهرئين چونڊ هجڻ اعزاز ۽ وڏي فخر جي ڳالهه آهي ۽ اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستاني فلمون عالمي مارڪيٽ جو ڌيان بڻجي رهيون آهن. واضح رهي ته فلم ‘‘پرچي’’ پاڪستان ۾ 5 جنوري تي ريليز ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *