پاڪستاني فلم “ عبدالله” ڪانز فلم فيسٽيول ۾ نماءُ لاءِ پيش

ڪراچي(شوبز نيوز): پاڪستاني فلم “عبدالله” کي هلندڙ سال فرانس جي عالمي شهرت حاصل ڪندڙ  ڪانز فلمي ميلي ۾ نماءُ لاءِ پيش ڪيو ويو، جنهن کي ملڪ جي پهرين فيچر فلم جو به اعزاز حاصل آهي. فلم “عبدالله” جي ڪهاڻي 2011ع ۾ ڪوئٽه جي علائقي خروٽ آباد ۾ ٿيندڙ هڪ واقعي جي چوگرد گهمي ٿي، جنهن ۾ هڪ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ جي ويجهو5 پرڏيهين کي دهشتگرد قرار ڏئي ماريو ويو هو. فلم ۾ پاڪستاني اداڪار عمران عباس،ساجد حسن، سعديه خان ۽ حميد شيخ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، فلم جي ڪهاڻي هاشم نديم لکي آهي ۽ ان جي هدايتڪاري ۽ پروڊيڪشن جون ذميواريون به انهن ئي نڀايون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *