پاڪستاني بيٽنگ واريءَ جي ڀت،ڪيويز آخري ٽي ٽوئنٽي کٽي سيريز به پنهنجي نالي ڪري ورتي

ويلنگٽن (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ سيريز جي آخري ميچ ۾ قومي ٽيم کي بدترين مات،پوري ٽيم 101 رنسن تي ڍير ٿي وئي.تفصيل مطابق پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ سيريز جي آخري ميچ ۾ قومي ٽيم جي بيٽنگ لائين واريءَ جي ڀت جيان ثابت ٿي ۽ پوري ٽيم 101 رنسن تي ڍير ٿي وئي،جڏهن ته پاڪستان جا 9 رانديگر ڊبل فگر ۾ ئي نه پهچي سگهيا،سرفراز احمد 41 ۽ شعيب ملڪ 14 رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهيا.پاڪستان پاران شاهد آفريدي 8، احمد شهزاد 8 محمد حفيظ 2، عمر اڪمل 5 شعيب ملڪ 4 رنسون ٺاهي ڪيوي بالرن اڳيان بيوس نظر آيا.ميزبان ٽيم پاران ايليٽ ۽ ملين 3.3 رانديگرن کي آئوٽ ڪري قومي ٽيم جي بيٽنگ لائين تباهه ڪري ڇڏي.اهڙي طرح نيوزيلينڊ ٽيم ميچ سان گڏ سيريز به پنهنجي نالي ڪري ورتي ۽ عالمي رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن ماڻڻ جي ويجهو به پهچي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *