
نئين دهلي: بالي ووڊ جي دبنگ اداڪار سلمان خان پاڪستاني اداڪارن تي ڀارت ۾ پابندي جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني اداڪار دهشتگرد ناهن، اسان کي دهشتگرد ۽ فنڪار ۾ فرق ڪرڻو پوندو، هڪ بيان ۾ هن چيو ته پاڪ – ڀارت وچ ۾ مسئلن جو حل امن آهي، ڀارت ۾ پاڪستاني اداڪارن کي ڌمڪين جي مذمت ڪندي سلمان خان جو چوڻ هو ته ڀارت ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني اداڪار دهشتگرد نه پر فنڪار آهن، ڀارتي حڪومت فنڪارن کي ويزا جاري ڪيا ۽ ملڪ ۾ اچڻ جي اجازت ڏني.هن چيو ته اڄ جي دور ۾ جيڪڏهن اسان امن سان رهنداسين ته اهو سڀني لاءِ بهتر هوندو، جڏهن ته اهو عمل خاص طور تي هڪ عام ماڻهو لاءِ وڌيڪ بهتر هوندو.