پاڪستاني اداڪارن کي انتهاپسندن جي ڌمڪين کان ڊنل آهيان: سارا لورين

ممبئي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا سارا لورين چيو آهي ته مان هندو انتهاپسند تنظيم طرفان ڌمڪين کانپوءِ پاڻ کي ڊنل محسوس ڪري رهي آهيان. پنهنجي هڪ بيان ۾ سارا لورين جو چوڻ هو ته ايم اين ايس طرفان پاڪستاني اداڪارن کي ڌمڪين کانپوءِ مان ڊنل آهيان، جيڪڏهن حالتون وڌيڪ خراب ٿيون ته دبئي هلي ويندس ۽ جڏهن صورتحال درست ٿي ته ڀارت موٽي ايندس. هن چيو ته اسان سڀني کي هڪٻئي بدران دهشتگردي خلاف وڙهڻ جي ضرورت آهي. منهنجي دعا آهي ته اڙي حملو دوستاڻي لاڳاپن کي متاثر نه ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *