پاڪستاني اداڪارا به برطانيا وارين چونڊن ۾ اميدوار

لاهور(شوبز نيوز) مشهور ڊرامي “آنسو” ۽ “ديس پرديس” کان شهرت ماڻيندڙ تسمينه شيخ به اڄ برطانيا ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي.برطانوي اخبار  مطابق تسمينه احمد شيخ ڪنزرويٽو ۽ ليبر پارٽيز جي هڪ سرگرم ڪارڪن رهي چڪي آهي انڪري هاڻي هو اسڪاٽس نيشنل پارٽي(ايس اين پي) جي اهم اميدوار جي طور تي چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي.جڏهن ته هن جي مقابلي ۾ ليبر پارٽي جو اميدوار گورڊن بينڪ ۽ اسڪاٽش ڪنزرويٽو جون ميٽرڪ چونڊون وڙهي رهيو آهي.رپورٽ مطابق تسمينه احمد شيخ  اوچل ۽ سائوٿ پرتٿ شائر مان چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي، جتي ليبر پارٽي جي گهڻائي آهي.تسمينه گذريل سال تمام گهٽ مارڪن کان يورپي پارليامينٽ جو حصو بڻجڻ کان رهجي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *