پاڪستانين جي واپسي لاءِ 2 ٻيڙا يمن موڪلي رهيا آهيون: پرڏيهي وزارت

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي وزارت چيو آهي ته 2 ننڍا ٻيڙا يمن روانا ٿيندا، ٻئي جهاز چار سئو ماڻهن کي واپس آڻيندا، سعودي سالميت کي خطرو پاڪستان لاءِ ڳڻتي جو سبب هوندو، حالتن جو جازو وٺڻ لاءِ حڪومتي وفد به سعودي عرب ويندو، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز احمد چوڌري ٻڌايو ته ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ 2 ننڍا ٻيرا يمن روانا ڪنداسين، ٻئي ٻيڙا چار سئو ماڻهن کي آڻي سگهن ٿا، عدن ۾ خراب صورتحال سبب پاڪستانين کي ويڙهه رڪجڻ کانپوءِ  ڪڍنداسين حالتن جو جائزو وٺڻ لاءِ حڪومتي وفد به سعودي عرب ويندو، پرڏيهي سيڪريٽري جو چوڻ هو ته جيڪڏهن سعودي عرب جي داخلي سيڪيورٽي کي خطرو ٿيو ته پاڪستان لاءِ ڳڻتي جو سبب هوندو سمورا فيصلا قوم کي اعتماد ۾ وٺي ڪيا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *