پاڪستانيءَ جي دعوت قبول ڪرڻ تي ڀارتي اداڪار جي ويزا رد ڪرڻ جو مطالبو

 

ڪراچي (شوبز نيوز) امريڪا ۾ هڪ پاڪستاني شو پروموٽر جي دعوت قبول ڪرڻ تي ڀارتي ڳائڻي ۽ اداڪار دلجيت دوسانجهه جي ويزا رد ڪرڻ لاءِ خط لکيو ويو. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب “فيڊريشن آف ويسٽرن انڊيا سائن ايمپلائيز” ڀارتي پرڏيهي وزارت کي خط لکيو آهي ته ڀارتي ڳائڻي ۽ اداڪار دلجيت دوسانجهه جي ويزا رد ڪئي وڃي جنهن 21 سيپٽمبر تي امريڪا ۾ ٿيل پروگرما لاءِ هڪ پاڪستاني ريحان صديقي جي دعوت قبول ڪئي آهي” ڀارتي پرڏيهي وزارت کي فيڊريشن طرفان لکيل خط ۾ وڌيڪ لکيو ويو آهي ته امريڪا ۾ پروگرامن کي پروموٽ ڪندڙ پاڪستاني ريحان صديقي پنجابي ڳائڻي دلجيت دوسانجهه کي آمريڪا جي دعوت ڏني هئي جيڪا هن قبول ڪري ورتي، ان تي دلجيت جي ويزا رد ڪئي وڃي ۽ ان کي سخت وارننگ ڏني وڃي ته هو اڳتي ائين نه ڪري. واضح رهي ته ان کان اڳ ڀارتي ڳائڻي ميڪا سنگهه ڪراچي ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي ويجهي مائٽ جي تقريب ۾ پرفارم ڪيو هو جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ويو ۽ کيس “غدار” چيو ويو هو. ميڪا سنگهه جي پاڪستان ۾ پرفارم ڪرڻ کانپوءِ فيڊريشن آف ويسٽرن انڊيا سائن ايمپلائيز ۽ آل انڊين سائن ورڪرز ايسوسيئيشن طرفان ميڪا سنگهه تي ڀارت ۾ پرفارم ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي هئي ۽ اهو به چيو ويو هو ته ساڻس ڪير به پروگرام ڪندو ته ان تي به پابندي مڙهي ويندي. تنهن کانپوءِ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ميڪا سنگهه معافي گهري ورتي هئي جنهن تي اهڙي پابندي هٽائي وئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *