پاڪستان، خطي ۾ رابطا وڌائڻ ۽ اقتصادي ترقي ۽ استحڪام لاءِ افعانستان ۾ امن کي اڻٽر سمجهي ٿو: شاهه محمود قريشي

دوشنبي (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي دوشنبي ۾ وچ ۽ ڏکڻ ايشيا رابطي واري ڪانفرنس جي موقعي تي اميسڊر زلمي خليل زاد سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ افغانستان جي تبديلي ٿيندڙ صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان، خطي ۾ رابطا وڌائڻ ۽ اقتصادي ترقي ۽ استحڪام لاءِ افعانستان ۾ امن کي اڻٽر سمجهي ٿو شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن لاءِ پنهنجو مصالحت وارو ڪردار ادا ڪندو، افغانستان جي مستقبل جو فيصلو افغانن کي گڏجي ويهي پاڻ ڪرڻو آهي هن چيو ته پاڪستان، افغانن جي سربراهي ۾ افغانين کي قبول، ڳالهين جي ذريعي افغان مسئلي جي سياسي حل جي حمايت جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *