پاڪستان، افغانستان سان پر امن سرحد چاهي ٿو، طالبان تشدد ختم ڪري ٻيهر ڳالهين جي رستي تي ايندا:پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي ترجمان قاضي خليل الله چيو آهي ته پاڪستان، افغانستان سان پر امن سرحد چاهي ٿو، اميد آهي ته افغان طالبان تشدد ختم ڪري ٻيهر ڳالهين جي رستي تي ايندا. اسلام آباد ۾ ميڊيا کي هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان قاضي خليل الله چيو ته سرتاج عزيز جون ڪابل جي دوري دوران افغان قيادت سان ملاقاتون سٺي ماحول ۾ ٿيون، افغان سرڪار کي اعتماد بحال ڪرڻ جو پيغام ڏنو آهي. هـُن چيو ته پاڪستان جي سرحد تي داعش جي حملي بابت ميڊيا رپورٽس جو جائزو ورتو پيو وڃي، داعش جي افغانستان ۾ موجودگي تي هو تبصرو نه ڪندو. پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان ۾ داعش جو ڪو به وجود ناهي، افغانستان سان پر امن سرحد چاهيون ٿا،  ڪابل ۾ امن جي بحالي لاءِ مفاهمتي عمل جي حمايت جاري رکي ويندي. قاضي خليل الله چيو ته کين اميد آهي ته افغان طالبان تشدد وارو رستو ختم ڪري ٻيهر ڳالهين جي رستي طرف ايندا. پرڏيهي ترجمان وڌيڪ چيو ته ڀارتي حڪومت ۽ اتان جي فوج وچ ۾ رابطا معطل آهي، ڀارتي حڪومت سيز فائر تي عمل جو چوي پئي پر ڀارتي فوج جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي. پرڏيهي ترجمان جو چوڻ هو ته وزيراعظم 30 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندو، وزيراعظم جي تقرير کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *