پانامه پيپرز صرف ڪاغذ جو ٽڪرو آهي، عمران خان ڪوڙ جي بنياد تي سموري ڪهاڻي تيار ڪئي آهي: دانيال عزيز

اسلام آباد (اين اين آءِ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ دنيال عزيز چيو آهي ته پانامه پيپرز صرف ڪاغذ جو ٽڪرو آهي ۽ عمران خان ڪوڙ جي بنياد تي سموري ڪهاڻي تيار ڪئي آهي اليڪشن ڪميشن کان ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائيندي دانيال عزيز چيو ته عمران خان ڪلابازي خان ۽ يوٽرن ڪنگ آهي. ان کي صرف وزيراعظم ٿيڻو آهي پر هو پويان واري دروازي يا آڱرين جو سهارو وٺي وزيراعظم نٿو بڻجي سگهي عمران خان ماڻهن کي نئين پاڪستان جو ڪوڙ هنيو آهي هن چيو ته 35 پنچر جون ڳالهيون ڪوڙيون نڪتيون ڪي پي ڪي ۾ احتساب جو قانون تبديل ڪري ڇڏيو احتساب جي قانون سبب ماڻهو استعيفا ڏني عمران خان ٻڌائي ته ڪي پي ڪي ۾ نيب آزاد ڇو نه آهي مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ چيو ته پانامه پيپرز صرف ڪاغذ جو ٽڪرو آهي آءِ سي آءِ جي پنهنجي ويب سائيٽ تان وزيراعظم جو نالو هٽايو ۽ ان حوالي سان وضاحت به پيش ڪئي عمران خان ڪوڙ جي بنياد تي سڄي ڪهاڻي تيار ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *