پانامه ليڪس ڪيس، ادارن جي ناڪامي جو ملبو اسان تي نه اڇلايو وڃي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پانامه ليڪس معاملي تي پي ٽي آءِ پاران جمع ڪرايل ڪاغذي ثبوتن کي الف ليليٰ جون ڪهاڻيون قرار ڏيندي چيو ته درخواست ڪندڙ سچ کي پاڻ ئي دفن ڪري ڇڏيو آهي اخبارن  جا تراشا ثبوت نه هوندا آهن پي ٽي آءِ جي ڪاغذن جو ڪيس سان تعلق ئي نه آهي الف ليليٰ جي ڪهاڻين تي اسان جو وقت ڇو برباد ڪيو پيو وڃي اخبار هڪ ڏينهن جي خبر هوندي آهي جيڪڏهن روزانو ان ۾ پڪوڙا وڪرو ٿيندا آهن اخبار  ۾ اچي وڃي ته الله ڏنو الهه رکيو کي قتل ڪيو آهي ته ڇا اسان الهه ڏني کي ڦاسي ڏينداسين هزارين صفحن تي ٻڌل ڪاغذ جمع ڪرايا ويا آهن اسان انسان آهيون ڪمپيوٽر نه آهيون ايترا صفحا ڇو جمع ڪرايا ويا جنهن جو نه منهن آهي ۽ نه وري مٿو ڪميشن ايترن صفحن جو جائزو وٺڻ ۾ پڪڙيو ويو ته ڇهن مهينن ۾ رپورٽ نه ايندي ڪرپشن جي معاملن جي جاچ ڪرڻ سپريم ڪورٽ جو ڪم نه آهي پرويز مشرف يا ڪنهن اي بي سي ڪرپشن ڪئي آهي ته واسطيدار عدالتون کليل آهن عمران خان جي درخوست چئن فليٽن تائين محدود آهي ان لاءِ پهريان ٻڌنداسين جڏهن ته وزيراعظم نوازشريف جي ٻارڙن جي وڪيل اڪرم شيخ عدالت ۾ ڪاغذ پيش ڪندي چيو ته پاڪستان کان ڪوبه پئسو ٻاهر نه ويو آهي ميان محمد نوازشريف راشد مخدوم جي مدد سان دبئي ۾ بزنس شروع ڪيو هو اڱاري تي سپريم ڪورٽ ۾ پانامه ليڪس جي معاملي تي وزيراعظم جي خلاف پي ٽِ آءِ جماعت اسلامي عوامي مسلم ليگ جمهوري وطن پارٽي ۽ سارڪ صدر پاران داخل ٿيل درخواستن جي ٻڌني چيف جسٽس جي اڳواڻي ۾ جسٽس آصف سعيد کوسا جسٽس اميرحاني مسلم عظمت سعيد شيخ ۽ جسٽس اعجازالحسن تي ٻڌل ٻه رڪني لارجر بئنچ وزيراعظم نوازشريف جي ٻارڙن پاران اڪرم شيخ عدالت ۾ پيش ٿيو ٻڌني شروع ٿي ته عدالت ۾ درخواست ڪندڙ طارق اسد سپريم ڪورٽ جي گذريل ٻڌڻي جو حڪم پڙهيو هن چيو ته ڪيس تيز رفتاري سان هلائڻ ۾ انصاف جا تقاضا پورا نه ٿيندا جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته توهان جي جواب مان لڳي ٿو ته توهان ڪيس جو فيصلو نٿا چاهيو اهو اسان جو ڪم آهي انصاف جا تقاضا پورا ٿيندا. درخواست ڪندڙ چيو ته اهو وڏو ڪيس آهي دٻاءُ جي تحت جلد اڪلائڻ نه گهرجي چيف جسٽس چيو ته ايئن لڳي ٿو ته توهان درخواست ڪندڙ نه آهي نوازشريف جا وڪيل آهيو توهان اهو چاهيو ٿا ته عدالت جلد فيصلو نه ڪري ايتري جلدبازي نه ٿيندي ته ڪنهن سان ناانصافي ٿئي اها درخواست به آئي آهي ته 1948 کان ڪرپشن جي معاملي جي ٻڌڻي ڪئي وڃي. اهڙي طرح ته اهو معاملو ڪڏهن به ختم نه ٿيندو اسان جي سامهون جيڪو ڪيس آندو ويو اهو تمام محدود هو چيف جسٽس چيو ته هڪ درخواست ۾ 1947 کان احتساب جي اپيل ڪئي آهي 700 صفحا هڪ طرف کان ته ٻئي طرف 1600 صفحا جمع ڪرايا ويا اسان ڪمپيوٽر نه آهيون ته هڪ سيڪنڊ ۾ صفحن کي اسڪين ڪري ڇڏيون هن چيو ته ڪرپشن جي معاملي جي جاچ ڪرڻ سپريم ڪورٽ جو ڪم نه آهي جيڪڏهن 800 ماڻهن جي جاچ ڪرڻي پئي ته 20 سالن تائين هو ڪم ختم نه ٿيندو طارق اسد چيو ته پرويز مشرف جي به جاچ ڪئي وڃي گهٽ ۾ گهٽ جن پارليامينٽ جي ميمبرن جي آفشور ڪمپنيون آهن انهن جي جاچ ته ٿيڻ گهرجي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پرويز مشرف يا ڪنهن اي بي سي ڪرپشن ڪئي آهي ته واسطيدار عدالتون کليل آهن آرٽيڪل 184 جي شڪ ٽن جو استعمال وڏو خطرناڪ ٿيندو آهي اهو آرٽيڪل هر جڳهه استعمال نٿو ٿي سگهي توهان ان ڪيس کي ڊي ٽريڪ ڪرڻ چاهيو ٿا ڪاغذ اچي ويا آهن ايندڙ مرحلو ڪميشن جي جوڙ آهي عمران خان جي درخواست چئن فليٽن تي ملوث آهي ان لاءِ پهريان ان کي ٻڌنداسين جسٽس عظمت سعيد چيو ته ڌريون 6636 ڪاغذ جمع ڪرايا آهن جسٽس عظمت سعيد تحريڪ انصاف جي وڪيل حامد خان کان پڇيو ته درخواست ڪندڙ سچ کي پاڻ ئي دفن ڪري ڇڏيو آهي پي ٽي آءِ جي ڪاغذن ۾ اخباري تراشا به شامل آهن جڏهن ته اخبار جا تراشا ثبوت نه هوندا آهن پي ٽي آءِ انهن ڪاغذن جو ڪيس سان تعلق ئي نه آهي عدالت چيو ته اخباري تراشا الف ليليٰ جون ڪهاڻيون آهن ججن چيو ته اخبار هڪ ڏينهن جي خبر هوندي آهي ايندڙ ڏينهن ان ۾ پڪوڙا وڪرو ٿيندا آهن. چيف جسٽس چيو ته ادارن جي ناڪامي جو ملبو اسان تي نه اڇلايو وڃي صورتحال اها آهي ته پانامه ليڪس جي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ سيل کولڻو پوندو ۽ روزانو جي بنياد تي پانامه معاملي تي درخواستون اچي رهيون آهن جسٽس عظمت سعيد چيو ته نيب جي چيئرمين جلاوطن ٿي چين هليو ويو آهي ته اسان ڇا ڪيون پهريان لنڊن فليٽن جي جاچ جو چيو ويو پر ڪاغذ 1982 جا جمع ڪرايا ويا 600 ڪاغذن مان هڪ صفحو ڳولهڻ ۾ هڪ ڪلاڪ لڳو ايترا صفحا ڇو جمع ڪرايا ويا. اڪرم شيخ چيو ته حسن ۽ حسين نواز پاڪستان ۾ ترسيل آهن مريم نواز پاران ڪاغذ جمع ڪرايا ويا آهن هو پنهنجي مئوڪلن جي هڪ ڪاغذ کان علاوه سمورا ڪاغذ جمع ڪرائي رهيو آهي اڪرم شيخ عدالت اڳيان موقف اختيار ڪيو ته پاڪستان مان ڪوئي به پئسو ٻاهر نه ويو آهي نجي ٽي وي موجب اڪرم شيخ چيو ته ميان نوازشريف جي 70 واري ڏهاڪي ۾ صنعتي 6 يونٽ هئا جن مان 5 يونٽ قوميه کڻي ويا گلف اسٽيل دبئي جي امير راشد جي مدد سان لڳايل 1980 ۾ پهريان 75 سيڪڙو ۽ پوءِ 25 سيڪرو وڪرو ڪيا ويا شيخ اڪرم چيو ته مريم نواز حسن ۽ حسين پاران صرف هڪ ڪاغذ جمع نه ڪرايو ويو هو هڪ ڪاغذ صرف عدالت اڳيان ئي پيش ڪندس ان ڪاغذ تي قطر جي اڳوڻي وزيراعظم جون صحيون آهن جسٽس آصف سعيد کوسي چيو ته ڇا عدالت جي گهرائڻ تي قطر جي اڳوڻو ويراعظم پيش ٿيندو ڇا توهان چوڻ چاهيون ٿا ته قطر جو وزيراعظم ڪو تحفو ڏنو آهي اڪرم شيخ چيو ته قطر جي وزيراعظم ڪوبه تحفو نه ڏنو آهي چيف جسٽس چيوت ه اهي ڪاغذ اڄ ئي عدالت ۾ جمع ڪرايو ۽ ٻين ڌرين کي به ڏيو اڪرم شيخ اڳوڻي وزيراعظم قطر جون صحيح ٿيل ڪاغذ عدالت ۾ پيش ڪيا اڪرم شيخ چيو ته ميان نوازشريف راشد المخدوم جي مدد سان دبئي ۾ بزنس شروع ڪيو ته راشد اتان جو حڪمران هو جڏهن ته جسٽس آصف سعيد کوسي اڪرم شيخ کان پڇيو ته ڇا توهان کي انهن ڪاغذن جي حساسيت جو پتو آهي جيڪي ڪاغذ توهان ڏنا آهن اهي وزيراعظم جي بيان جي برعڪس آهن وزيراعظم جي عوامي موقف ۾ ۽ توهان جي بيان ۾ فرق آهي وزيراعظم پارليامينٽ ۾ چيو هو ته جيڪو بچيو سچيو سرمايو هو ان سان دبئي ۾ مل لڳائي دبئي واري مل وڪرو ڪري عزيزيه ۾ مل لڳائي پهريان موقف آيو ته جده اسٽيل مل وڪرو ڪري لنڊن ۾ ملڪيت خريد ڪئي ڇا قطر جي اڳوڻي وزيراعظم گواهي لاءِ عدالت ۾ ايندو جيڪڏهن اهو جمع ڪرائي ويئي ته ٻي ڌر چاهيندي ته هو به ان جو مطالعو ڪري ان جو مطلب اهو ورتو وڃي ته توهان وٽ ان کان علاوه ٻڌائڻ لاءِ ٻيو ڪجهه نه آهي اڪرم شيخ چيو ته مان وزيراعظم جي ٻارڙن جو وڪيل آهيان وزيراعظم جو نه مان نتيجن جي پرواهه ڪرڻ بغير عدالت جي معاونت ڪندس وزيراعظم جو جواب ان جو وڪيل سلمان اسلم بٽ ڏيندو ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ ۾ قطر جي اڳوڻي پرڏيهي وزير جو خط به پيش ڪيو ويو ان ۾ چيو ويو ته منهنجي والد ۽ نوازشريف جي والد ۾ ڪاروباري لاڳاپا هئا منهنجو وڏو ڀاءُ شريف فئملي ۽ اسان جي ڪاروبار جا منتظم هئا. هن چيو ته 1980 ۾ نوازشريف جي والد قطر جي الثاني فئملي جي ريئل اسٽيٽ بزنس مين سيڙپڪاري ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي منهنجي خيال ۾ 12 ملين درهم نوازشريف جي والد اسان جي ڪاروبار ۾ لڳايا جيڪو ان دبئي ۾ پنهنجي بزنس کي وڪرو ڪري حاصل ڪيا هئا ان چيو ته لنڊن جا 4 فليٽ ٻه آفشور ڪمپنين جا نالا رجسٽرڊ هئا. ان آفشور ڪمپنين جا شيئر قطر ۾ موجود هئا لنڊن جا فليٽ قطر جي رئيل اسٽيٽ بزنس جي منافعي مان خريد ڪيا ويا ۽ ٻنهي خاندانن جي لاڳاپن جي ڪري اهي فليٽ شريف خاندان جي استعمال هيٺ هئا جنهن جو هو ڪرايو ڏيندا هئا. هن چيو ته ميان نوازشريف جي والد پنهنجي زندگي ۾ ئي ڪاروبار حسين نواز کي ڏيڻ جي خواهش ڪئي هئي جنهن کان پوءِ 2006 ۾ الثاني فئملي ۽ حسين نواز جي وچ ۾ لنڊن پراپرتي جا معاملا طئي ٿيا ٻڌڻي دوران درخوست ڪندڙ شيخ رشيد عدالت ۾ چيو ته وقت وڏو اهم آهي سڄو ملڪ عدالت ڏانهن ڏسي رهيو آهي ٿي سگهي ٿو ته سڀاڻي تائين گاندي جا ڪاغذ به پيش ڪيا وڃن ٿي سگهي ٿو ته اهي ڪاغذ ڀارتي وزيراعظم مودي نونيفاني ڪري رهيو هجي چيف جسٽس شيخ رشيد کي چيو ته توهان سياست جي بجاءِ وڪالت ڪيو ها ته ڪامياب رهو ها. چيف جسٽس چيو ته ڌريون ڪاغذن تي اعتراض داخل ڪرائڻ چاهيون ٿيون ته ڪري سگهن ٿيون تحريڪ انصاف جي وڪيل عدالت کي اپيل ڪئي ته جمع ڪرايل ڪاغذن جي مطالعي لاءِ ان کي 48 ڪلاڪن جو وقت ڏنو وڃي عدالت ڪيس ۾ وڌيڪ ڌرين بڻجڻ جون مختلف درخواستون رد ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي خميس تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *