پانامه ليڪس: وزير اعظم جي پٽن کي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ ڏنل مهلت ختم، ٻڌڻي اڄ ٿيندي

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ ۾ پاناما معاملي جي ٻڌڻي اڄ سومر تي ٿيندي، وزيراعظم نواز شريف جي پٽ حسن نواز ۽ حسين نواز پنهنجا بيان جمع ڪرائيندا، عدالت هڪ رڪني جوڊيشل ڪميشن جو حتمي فيصلو ڪندي، سپريم ڪورٽ ۾ پاناما جي معاملي تي وزيراعظم جي خلاف پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي، عوامي مسلم ليگ، جمهوري وطن پارٽي ۽ طارق ايڊووڪيٽ پاران داخل درخواستن تي چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي اڳواڻي جسٽس آصف سعيد کوسو، امير هاني مسلم، عظمت سعيد شيخ ۽ اعجاز الحسن تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جو 5 رڪني لارجر بينچ اڄ سومر تي ساڍي 9 وڳي ٻڌڻي ڪندو، گذريل ٻڌڻي تي سپريم ڪورٽ وزيراعظم نواز شريف جي پٽن حسن نواز ۽ حسين نواز کي پاناما معاملي تي پنهنجا جواب جمع ڪرائڻ لاءِ سومر تائين مهلت ڏني هئي ۽ واصح ڪيو هو ته قانون موجب جيڪڏهن جواب جمع نه ڪرايو ويو ته الزام تسليم ڪيا ويندا، چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو هو ته جاچ لاءِ هڪ رڪني جوڊيشل ڪميٽي جوڙي ويندي جيڪا پاناما پيپرز ۾ سامهون ايندڙ انڪشافن جي جاچ ڪندي، پاناما گيٽ ڪميشن کي سپريم ڪورٽ جا اختيار حاصل هوندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *