پانامه ليڪس بعد اپوزيشن جو هدف صرف وزير اعظم يعني ”آءُ“ آهيان: نواز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نواز شريف پاناما ليڪس واري معاملي تي عدالتي ڪميشن جي ٽي او آرز بڻائڻ لاءِ اپوزيشن جي مشاورت سان ڪميٽي بڻائڻ جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته ڪميٽي گڏيل مشاورت کانپوءِ جاچ لاءِ ٽي او آرز بڻائي جنهن کانپوءِ جنهن به فورم تي چاهيو ته جاچ ڪرائي وڃي، هن چيو ته منهنجو نالو پاناما پيپرز ۾ ناهي، اپوزيشن جي ٽي او آرز ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي، منهنجو دامن صاف آهي ڪنهن قانوني ۽ آئيني اثتثنيٰ جي ڪا به ضرورت ناهي، ماضي ۾ به ڪڙن احتسابن مان گذريو آهيان ۽ هاڻ به ان طرح جي احتسابي عمل مان گذرڻ لاءِ تيار آهيان، هن چيو ته چاهيون ٿا ته ٽيڪس چوري ڪرڻ ۽ قرض معاف ڪرائيندڙ جي اصل ڪهاڻي به سامهون اچي، منهنجي والد دبئي وڃي گلف اسٽيل نالي فيڪٽري لڳائي، لنڊن جي فليٽ لاءِ پاڪستان مان هڪ رپيو به نه موڪليو، 23 سالن دوران اسان جي خاندان 10 ارب رپين کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪيو، ذاتي طور تي 3 ڪروڙ ٽيڪس ادا ڪيو، 1999 ۾ اسان جي ڪاروباري ادارن کي مفلوج ڪيو ويو، تمام ڪاروباري ادارن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري رڪارڊ قبضي ۾ ورتو ويو، حڪومت وقت سرٽوڙ ڪوششون ڪرڻ جي باوجود رتي جي برابري به بدعنواني ثابت نه ڪري سگهي ۽ اسان ظالماڻي ۽ هڪ طرفي احتساب مان سرخرو ٿي ٻاهر نڪتاسين، هن چيو ته ڪاروبار مان سياست ۾ داخل ٿيو آهيان، سياست مان ڪاروبار ۾ نه آيو آهيان، هيليڪاپٽرن ۽ جهازن ۾ گهمندڙ ٻڌائين ته پهريان اهي ڇا هئا؟ معاملو منهنجي استعيفيٰ سان ختم نٿو ٿي سگهي، ڳالهه نڪتي آهي ته اڇا ڪارا پڌرا ٿيڻ گهرجن، گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن طرفان لڳايل الزامن جا جواب ڏيندي وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال جي اپريل جي پهرين هفتي ۾ پاناما پيپرز جي حوالي سان هڪ رپورٽ ميڊيا ۾ آئي ۽ ان ۾ اهڙن آف شور ڪمپنين جي نشاندهي ڪئي وئي جنهن ۾ پاڪستانين جو تعلق ٻڌايو ويو آهي، ان ۾ واضح ڪيو ويو هو ته اهو ضروري ناهي ته اهي سڀ آف شور ڪمپينون غير قانوني هجن، نواز شريف چيو ته منهنجي ٻن پٽن جا نالا به ان ۾ آيا جيڪي گذريل ڪافي عرصي کان پرڏيهه ۾ ترسيل آهن ۽ ٻين لکين پاڪستانين وانگر هو به هلال جو رزق ڪمائي رهيا آهن، هن چيو ته مون کي ساٿين مشورو ڏنو ته منهنجو نالو ان ۾ شامل نه آهي ان لاءِ مون کي پنهنجو پاڻ کي احتساب لاءِ پيش نه ڪرڻ گهرجي پر مون ضروري سمجهيو ته منهنجي خاندان جا نالا شامل آهن ان لاءِ قوم کي خطاب ۾ اپوزيشن جي مطالبي کان اڳ سپريم ڪورٽ جي رٽائرڊ ججز جي سربراهي ۾ ڪميشن قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، انصاف جي اعليٰ ترين ادارن ۾ مقرر اهي جج رٽائرڊ ٿيڻ جي باوجود به انصاف جا ڪيترائي تقاضا پورا ڪري سگهن ٿا پر اهڙو ماحول پيدا ڪيو ويو، انتهائي سٺي ساک جي مالڪ اڳوڻي چيف جسٽس به ڪميشن جي سربراهي کان انڪار ڪيو، ان کانپوءِ پارلياماني ڪميٽي جي تجويز سامهون آئي جنهن تي مثبت رد عمل ظاهر ڪيو پر ان تان اپوزيشن پوئتي هٽي وئي، ان کانپوءِ ايف آءِ اي کان جاچ جو مطالبو ڪيو ويو ان تي به اسان کين پنهنجي پسند جا آفيسر نامزد ڪرڻ جي آڇ ڪئي پر حاضر سروس چيف جسٽس جي سربراهي ۾ڪميشن قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو ان تي به 22 اپريل تي قوم کي پنهنجي خطاب ۾ اهو مطالبو تسليم ڪندي ڪميشن بڻائڻ جو اعلان ڪيو پر ان کي به رد ڪيو ويو، حڪومتي ٽي او آرز رد ڪندي ٽي او آرز لاءِ 15 نوان نقطا ڏنا ويا پر ان ۾ شايد ڪنهن سنجيندگي جو عنصر شامل هجي، اپوزِيشن جي ٽي او آرز بدعنواني ۽ ڪرپشن بدران هڪ ماڻهو جي وچ ۾ گهمي رهيا آهن، ان ۾ به چيو ويو ته وزيراعظم کان مراد نواز شريف هوندو جنهن جو پاناما پيپرز ۾ ذڪر ئي ناهي ۽ ان تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو، وزيراعظم چيو ته اسان نٿا چاهيون ته ملڪ ڪنهن ڪشمڪش جو سبب بڻجي، ملڪ جي ترقي ۽ تعمير تي توجهه ڪرڻ لاءِ ان معاملي جي ڇنڊ ڇاڻ ضروري آهي، ڪنهن مسئلي کي اسان انا جو مسئلو نه بڻايو، صرف پاڪستان ئي اسان جي انا آهي، نواز شريف چيو ته اسان جو دامن صاف آهي ڪنهن آئيني يا قانوني اثتثنيٰ جي ضرورت ناهي، اسان ماضي ۾ به هڪ طرفي ڪڙي احتساب مان گذري چڪا آهيون ۽ هاڻ ان لاءِ تيار آهيون، اسان اهو به چاهيون ٿا ته بدعنواني، اختيارن جو ناجائز استعمال، ٽيڪس چوري، غير قانوني طور تي پيسو ٻاهر موڪلڻ، اربين رپين جا قرض معاف ڪرائيندڙ جي ڪهاڻي به عوام جي اڳيان اچي، جيڪڏهن هڪ اخباري ڪهاڻي تي ايترو گوڙ آهي ته پوءِ دستاويزي ثبوت جي حامل ڪيسن جي به جاچ ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته هي ايوان احتساب جي جامعه، موثر ۽ بي داڳ ڪردار تي غور ڪري ۽ ميثاق جمهوريت جي به اها هڪ اهم شق هئي. هڪ اهڙو جامعه نظام واضح هجڻ گهرجي جنهن تي سڄي قوم کي اعتماد هجي، جنهن مان اهو بهتان ۽ الزامن وارو ڪلچر ختم ٿئي، نواز شريف چيو ته بي بنياد الزامن سان سياستدانن نه پر سياست به بي وقار ٿي وڃي ٿي ۽ ان سان جمهوريت جو حسن به ختم ٿي وڃي ٿو، وزيراعظم چيو ته اهو به چيو ويو ته مان پارليامينٽ ۾ اچي ڪري سوالن جا جواب ڏيان ته معاملو ختم ٿي ويندو، پر هي معاملو هاڻ ائين ختم نٿو ٿي سگهي نه ئي وري ان کي ختم ٿيڻ ڏينداسين، هاڻ اڇا ڪارا پڌرا ٿيندا، وزيراعظم چيو ته شاهراهه دستور تي ڌرڻي دوران هن ايوان جو ڪردار انتهائي مثبت رهيو، هن چيو ته مون کي لڪائڻ لاءِ نه پهريان ڪجهه هو نه اڄ آهي، منهنجو سڀ ڪجهه کليل ڪتاب وانگر آهي، منهنجو خاندان به کليل ڪتاب وانگر آهي، هن چيو ته سياست ۾ڪجهه ڪمايو يا بڻايو ناهي پر وڃايو ضرور آهي، هن چيو ته مان سياست مان ڪاروبار ۾ نه پر ڪاروبار مان سياست ۾ آيو آهيان، هن چيو ته مان بطور وڏي وزير يا وزيراعظم دفاعي ادارن ۽ ٽرسٽ کي مفت سرڪاري زمين ڏني هوندي، مالي گرانٽ ڏني هوندي، مشينري جي درآمد تي ٽيڪس ڇوٽ ڏني هوندي، شريف ميڊيڪل ڪمپليڪس هڪ وڏي فلاحي اداري طور ڪم ڪري رهيو آهي پر ان لاءِ هڪ انچ ايراضي يا مالي گرانٽ نه ورتي وئي آهي، هن سوال ڪيو ته ڇا ڪرپشن ڪندڙ ۽ سرڪاري ٽجوڙيون ڀريندڙ جو طرز عمل ائين هوندو آهي، اسان جي ڪهاڻي زرق حلال، محنت ۽ وقار، جدوجهد جي ڪهاڻي آهي، هن چيو ته پاڪستان جي قيام کان 11 سال اڳ اسان اتفاق فائونڊري سان پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيو، منهنجي والد جو پختو ايمان، ديانت ۽ امانت تي پورو يقين هو، وقت سان گڏ ان ڪاروبار ترقي ڪئي، 1970 ۾ اسٽيل ۽ انجنيئرنگ ۾ سڀ کان وڏو مقام حاصل ڪيو، 1972 ۾ ان کي قومي ادارن ۾ ڏنو ويو ۽ اسان کي هڪ پائي به نه ڏني وئي، ان کان اڳ ادارا ڪروڙين رپين جي منعافي ۾ هئا، 1971 ۾ ساليانو ٽرن اوور 4 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ هو، 7 سئو ڪينال تي ٻڌل فيڪٽيري هئي، ان وقت ڊالر 4 رپين جو سي ايس پي آفيسر جي پگهار 5 سئو رپيا ۽ سون 155 رپيا في تولو هو، ان وقت اسان جا هڪ ڪروڙ 80 لک رپيا اسٽاڪ هئا ۽ هي ان وقت جا آهن جنهن وقت اسان جو سياست سان ڪو به تعلق نه هو ۽ اهي ادارا 8 سالن کانپوءِ واپس ڪيا ويا ته ان وقت ان جي مشينري کنڊر بڻجي چڪي هئي، اسان جي والد ان فيڪيٽري کي ٻيهر آباد ڪيو، وزيراعظم چيو ته هڪ سال ۾ ان بي جان ڍانچي کي ٻيهر فعال ڪيو ويو، 1983 ۾ ان جو منعافو 7 ڪروڙ 57 لک رپين تائين پهتو، هي تفصيل انهن ماڻهن لاءِ آهن جيڪي حقيقتن کان ڄاڻي واڻي منهن موڙي رهيا آهن، منهنجي ورهاست ۾ هڪ ترقي ڪندڙ ڪاروبار مليو ۽ خوف خدا جو درس به مليو، اڄ عاليشان گاڏين ۾ گهمندڙ ڦرندڙ ۽ عاليشان محلن ۾ رهندڙ هيليڪاپٽرن ۾ ديان جو سير سفر ڪندڙن کان به اها تقاضا آهي ته هو مناسب سمجهن ته قوم کي پنهنجي آمدني کان آگاهه ڪن، هن چيو ته 70 جي ڏهاڪي ۾ اهي ڪٿي بيٺا هئا ۽ اڄ سندن شاهاڻن خرچن جو ذريعو ڇا آهي، وزيراعظم چيو ته ڪجهه ماڻهو الزام لڳائي رهيا آهن ته اسان ٽيڪس نٿا ڏيون، 23 سالن ۾ اسان 10 ارب رپين جو ٽيڪس ادا ڪيو، ان موقعي تي هن پورا تفصيل اسپيڪر حوالي ڪيا، هن 3 ڪروڙ 60 لک رپين جي ذاتي ٽيڪسن جا تفصيل به پيش ڪيا، وزيراعظم چيو ته 1972 ۾ اتفاق فائونڊري کي هڪ پيسو به معاوضو ڏيڻ کانسواءِ واپس ڪيو ويو، نواز شريف چيو ته اپريل 1983 ۾ اها فيڪريٽري 33.37 ملين درهم وڪرو ٿي، ان وقت اسان جو سياست سان ڪو به تعلق نه هو اسان جي والد عدم تحفظ تحت دبئي ۾ جيڪا سيڙپڪاري ڪئي اها 1999 ۾ ان وقت درست ثابت ٿي جڏهن اسان کي بي دخل ڪيو ويو ۽ اسان جي تمام ڪاروبار جو رڪارڊ قبضي ۾ وٺي ان جو تمام گهرائي سان جائزو ورتو ويو، اسان جا بينڪ اڪائونٽ چيڪ ڪيا ويا، حڪومت ننهن چوٽي جا زور هنيا پر بدعنواني هڪ رتي جي برابر به ثابت نه ڪري سگهي، اسان ان ظالماڻي ۽ هڪ طرفي احتساب مان سرخرو ٿي نڪتاسين، هن چيو ته اسان جي والد جده ۾ اسٽيل ملز لڳائي، جون 2005 ۾ اسٽيل ملز 17 ملين ڊالرز ۾ وڪرو ٿي ان جا تمام دستاويز موجود آهن، ان کي وسيلن ۽ ذريعن سان لنڊن ۾ فليٽ خريد ڪيا ويا، جده اسٽيل ملز يا لنڊن جي خريداري لاءِ پاڪستان مان هڪ رپيو به ٻاهر نه ويو، وزيراعظم چيو ته ڪميشن جي قيام جي حوالي سان چيف جسٽس جو خط مليو ويو آهي، قانوني ماهر ان جو جائزو وٺي رهيا آهن، وزيراعظم اپوزيشن اڳواڻ ۽ پارلياماني ليڊرن جي مشاورت سان پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ جي پيش ڪش ڪئي جنهن ۾ جامعه ٽي او آرز ۽ ٻين معاملن کي حتمي شڪل ڏني وڃي ته جيئن بدعنواني ڪندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سگهجي ۽ ان حوالي سان ڪميٽي جيڪو تجويز ڪندي ان اڳيان شاهديون ۽ تفصيل رکيا ويندا، هن چيو ته اهو تاثر نه ڏنو وڃي ته ڪجهه ته گناهن ۾ ڀريل آهن ۽ ڪجهه جي لباسن مان فرشتن جي خوشبو اچي ٿي، اصولن جا ڳالهه ڪرڻي آهي ته ان لاءِ الڳ الڳ پيمانا نه هلي سگهندا، جيڪڏهن تورڻو آهي ته سڀني کي هڪ ترازو ۾ تورڻو پوندو، وزيراعظم چيو ته 70 سالن کان قوم کي اهڙن تماشن جي ور چاڙهيو ويو آهي، هن چيو ته خدا خدا ڪري پاڻ سنڀاليو آهي منزلن جو تعين ڪيو آهي، نوجوانن جي مايوس اکين ۾ اميد جو چراغ روشن ڪيو آهي، معيشت مستحڪم، شهرن جو امن واپس ڪرايو آهي، قومي عالمي سطح تي اسان جي وقار ۾ اضافو ٿيو آهي، اڄ هر پاڪستاني تسليم ڪري ٿو گذريل 3 سالن جي ڀيٽ ۾ موجوده پاڪستان سڀ کان وڌيڪ مستحڪم ۽ روشن آهي ۽ 2018 جو پاڪستان اڄ جي پاڪستان کان ڪيترائي ڀيرا مستحڪم ۽ روشن هوند.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *