پانامه فيصلو: وزير اعظم پاران ترقياتي منصوبا جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جو پاناما ڪيس جو فيصلو حق ۾ اچڻ کان پوءِ وزير اعظم نواز شريف ترقياتي منصوبن تي ڪم وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزير اعظم نواز شريف پاناما ڪيس جو فيصلو اچڻ کان پوءِ فوري بعد پارٽي اڳواڻن ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن کي پنهنجن پنهنجن تڪن ۾ ترقياتي منصوبن تي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. پنهنجي بيان ۾ نواز شريف الله جو شڪر ادا ڪيو ۽ هن هدايت ڪئي ته ترقياتي منصوبا مقرر وقت تي مڪمل ڪيا وڃن ۽ ان بابت ڪنهن به قسم جي رنڊڪ يا دير کي برداشت نه ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *