پانامه عملدرآمي ڪيس، پهريان عبوري حڪم هو هاڻي فيصلو ٿيندو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ جي آئي ٽي جي رپورٽ تي ٽين ٻڌي دوران ججن رمارڪس ڏنا آهن پهريان عبوري حڪم هيو هاڻي فيصلو ٿيندو ان جو ڳالهه جو ڪوبه ثبوت نه آهي،  وزيراعظم پاڻ ڪنهن به پراپرٽي جو مالڪ آهي اسانکي ڏسڻو آهي ته ڇا ڪيس ۾ ڪي شاهديون آهن، جيڪا وزيراعظم معاملي سان جوڙين ٿيون ڏسڻو آهي ته سانکي فيصلو ڪرڻو آهي يا ٽرائِل ڪورٽ ڏانهن موڪلڻو آهي، حقيقت اها آهي ته هن عدالت وٽ فيصلي ڪرڻ جو اختيار آهي. توهانکي سمورا پتا ظاهر ڪرڻ گھرجن هان، بنيادي سوال اهو آهي ته لنڊن فليٽن لاءِ ڪڏهن ۽ ڪنهن ادائيگي ڪئي فنڊ سعودي عرب دبئي ۽ قطر ڪئي، سوال اهو آهي فنڊ ڪيئن لنڊن پهتا نوازشريف ڪٿان کان ۽ ڪيئن منتقل ڪيا اهو جواب ملي وڃي ته ڳالهه ختم ٿي ويندي،. واليم چار ۾ تمام خطرناڪ دستاويز آهن ان ٽرسٽ بيڊ تي ڳالهه ڪرڻي آهي ۽ ڪجھه نتيجا به ظاهر ڪيا ويا، وزيراعظم جي وڪيل خواجا حارث دليل مڪمل ڪندي چيو آهي ته جي آئي ٽي جي رپورٽ ۾ وزيراعظم جي خلاف ڪجھه به نه آهي ادب اسان گذارش آهي ته فيصلي ۾ احتيات ڪيو وڃي اربع تي جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ جسٽس عظمت سعيد سيخ ۽ جسٽس اعجار الا احسن تي ٻڌل سپريم ڪورٽ تي ٻڌل ٽي رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي شروع ٿي ته وزيرعظم جي وڪيل چيو ته گذريل ڏينهن مان وزيراعظم جو جي آئي ٽي ۾ بيان پڙهي ٻڌايو هو. وزيراعظم جي آئي ٽي کي گوشوارن جي صورت ۾ آمدني ۽ اثاثن جا تفصيل ڏنا پر جي آئي ٽي وڌيڪ ڪنهن اثاثڻ بابت سوال نه ڪيو. جي آئي ٽي ۾ پيشي تائين ٻيو ڪو به اثاثو هيو ئي نه جي آئي ٽي وٽ ڪجھه هجي هان ته سوال ڪري هان، وزيراعظم جي مٽن مائٽن ڪا به ملڪيت نه لڪائي جڏهن وزيراعظم ڪا به بنا نالي جي ملڪيت نه آهي. نيب قانون موجب اهڙو شخص جنهن جي زال ٻارڙن جي نالي اثاثا هجن ان کي ذميوار نه ٿو چئي سگھجي. وزيراعظم ٽيڪس رٽرن ۾ اثاثا ظاهر ڪيا آهن ۽ هن ڪو به اثاثو نه لڪايو آهي، وزيراعظم جي وڪيل دليلن دوران نيب قانون جي ڇڪ 5A جو حوالو ڏيندي چيو ته نيب قانون موجب اهڙو شخص جنهنجي زال جي ٻارڙن جي نالي اثاثا هجن، ان کي ان جو ذميوار نه ٿو چئي سگھجي. جنهن تي جسٽس اعجازافضل رمارڪس ڏنا ته جنهن نيب قانون جو توهان حوالو ڏئي رهيا آهيون اهو  ته ڪيس سان مشآبهت نه ٿو رکي، جسٽس عظمت سعيد چيو ته آمدني هڪ ڪروڙ ۽ ملڪيت پنج ڪروڙ جي ٺاهي وٺي ته انکي ڇا چئبو. خواجا حارث جواب ڏنو ته قبضي واري ملڪيت جيڪڏهن آمدني کان وڌيڪ هجي ته اها جوابده هوندي آهي، جي آئي ٽي وزيراعظم تي ملڪيت ٻارڙن جي نالي ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي ٻارڙن جي ملڪيت بنا نالي جي ڪيئن ٿي سگھي ٿي، جڏهن لنڊن فليٽن  جي مالڪ جو نالو به سامهون اچي چڪو آهي. جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏنا ته قانون ۾ آمدني ۽ اثاثن جي ذريعن جو ذڪر آهي. قانون ۾ ان شخص جو به ذڪر آهي جنهن جي قبضي ۾ اثاثا هجن ۽اثاثا جنهنجي استعمال هيٺ هجن اهو به بي نالي ٿي سگھي ٿو. ڇا توهان چوڻ چاهيو ٿا ته ڪنهن ٻئي جي گھر ۾ ڪجھه وقت رهندڙ جوابدار نه ٿو بڻجي سگھجي، استعمال هيٺ هجڻ ٻي ڳالهه آهي، ۽ اثاثن مان فائدو وٺڻ الڳ ڳالهه آهي توهان جي موجب ڪنهن جي گھر رهڻ واري تي نيب قانون جو لاڳو نه ٿيندو، اها ڳالهه اسان مهينن کان  ٻڌي رهيا آهيون، فليٽن جي ملڪيت کانسواءِ سڀ ڳالهيون چٽيون آهن، سپريم ڪورٽ جي جج چيو ته اسان توهانجي ڳالهيون سمجھون ٿا ته جي آئي ٽي رپورٽ ۾ وزيراعظم تي ڪرپشن يا عهدي جي غلط اسعتمال جو ڪو به الزام نه آهي. جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏنا ته غلطي ڪٿي يا ڪوتاهي نيب آرڊيننس ۾ بنا نالي جي ملڪيت جو ڪو به ذڪر نه آهي. جسٽس اعجاز افضل چيو ته حديبيا ڪيس بابت توهان جو نڪتو نوت ڪيو هيو. توهان پنهنجا دليل دهرائي رهيا آهيو جنهن تي وزيراعظم جي وڪيل چيو ته عدالت جو وڌيڪ وقت نه وٺندس جي آئي ٽِي رپورٽ اچڻ کانپوءَ پراڻا معاملا ختم ٿي ويا، ان حوالي سان ڪي به شاهديون نه لڳايو ويون، لنڊن فليٽ جي باري ۾ جي آئي ٽي نه چيو ته اصل مالڪ وزيراعظم آهي، جنهن تي جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏنا لڳي ٿو ته بنا نالي واري جي تعريف لکڻ وقت قانون ۾ غلطي ٿي وئي آهي، بنا ڪنهن نالي جي اصل تعريف اسان سڀ ڄاڻون  ٿا، خواجا حارث چيوت وزيراعظم جي تقرير کان انڪار نه ڪري رهيو آهي وزيراعظم جي ذاتي طور تي ان معاملي سان ڪوبه واسطو نه آهي، وزيراعظم جي خاندان جي ٻين ماڻهن وانگر جيڪا ڄاڻ هئي اها شيئر ڪئي جي آئي ٽي چيو ته فليٽ سڄي خاندان جا آهن، التوصيف شريف فيمليءَ جا ميمبر شيئر هولڊر هيا، انهيءَ ڪيس ۾ شريف فيملي جا ميمبر شيئر هولڊر هيا جنهن تي جسٽس اعجاز افضل چيو ته حديبيا پيپر جي مالڪن ۾ مريم نوازبه شامل آهي جنهن تي خواجا حآرث چيو ته ڪمپني جو فيصلو ميان شريف ڪندو هو. جسٽس اعجاز الا احسن بنيادي سوال اهو آهي ته لنڊن فليٽ ڪنهن ورتا ڪٿان آيا مني ٽرائيل ڪڏهن ڪئي وئي جنهن جو جواب نه ڏنو پيو وڃي، هن چيو ته شريف خاندان جو موقف آهي ملڪيت 2006 ۾ حاصل ڪئي وئي. ڇا حسن ۽ حسين لنڊن جي ملڪيت نوازشريف جي چوڻ تي ورتي؟ اصل سوال اهو آهي ته سعودي عرب، دبئي ۽لنڊن ملڪيت جا فنڊ ڪٿان آيا ان بنيادي سوال جو جواب نه ملي سگھيو آهي. خواجا حارث چيو ته جيڪو بيان مان پڙهيو ته ان ۾ قطري سرمائي مان ملڪيت خريد ڪرڻ جو ٻڌايو جنهن تي جسٽس اعجاز الا حسن چيو ته وزيراعظم تقرير ۾ انجو ذڪر نه  ڪيو  جنهن تي وڪيل چيو ته ان سمورو رڪارڊ موجود آهي. وزيراعظم جي وڪيل چيو ته جلد نمبر چار تي ڪجھه ڳالهائيندس جنهن تي جسٽس اعجازالا احسن رماڪس ڏنا ته واليم چار جي حوالي سان محتاط رهو ان ۾ خطرناڪ دستاويز موجود آهن. خواجا حآرث جو چوڻ هيو ته وزيراعظم چيو ته سيٽلمينٽ ٿي هئي. ان تي تفصيل جي خبر نه آهي. لنڊن فليٽ سان وزيراعظم جي ڳنڍڻ جي ڳالهه جيڪا هئي اها منگھڙت آهي، ڪي به شاهديون يا دستاويز نه آهن، ٻي ڌر سان جوڙڻ به اعتراض جوڳو آهي. پر هاڻي مان ان تي اعتراض نه ڪري رهيو آهيان، جنهن تي جسٽس اعجاز افضل چيو ته جي آئي ٽي چيو ته لنڊن فليٽ شريف فيملي رکي ٿي، جيڪڏهن جي آئي ٽي جي رائي جي حوالي سان ڪو به ثبوت نه آهي ته ان جو وزن نه هوندو، جي آئي ٽي کي ڇڏيو اسانکي دستاويز ڏيکاريو، جيڪڏهن حسن ۽ حسين فليٽ ڪنهن ٻئي نالي تي آهن ته اهي ڪير آهن حسين پاڻ فليٽ جو مالڪ چيو پر دستاويز نه ڏنا. نيسڪول منروا جي مالڪ به پاڻ کي چيو پر دستاويزن ۾ نه آهي، منروا جي دستاويزن تي مريم کي مالڪ ڪيو ويو آهي، اعجاز الا احسن پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته بحث لاءِ مڃون ٿا ته فليٽ ميان شريف جا آهن، وفاق کانپوءِ ان ۾ وزيراعظم جو به حصو هوندو، وزيراعظم هجي يا حسين نواز ٻئي زباني چئي رهيا آهن آفشور ڪمپنيون قائم ڪيون ويون آهن. ڪمپنين ۾ اثآثن ۽ فنڊ واضع نه آهن، جسٽس عظمت سعيد چيو ته آڦشور ڪمپني ٻين ڪمپنين کان سروس وٺي رهيون آهن اها سروس ڪنهنکي ڏني پئي خبر ناهي ته نالو ڪنهنجو پيسا ڪنهن ڏنا ڪو ٻڌائي نه رهيو آهي، ڪاغذ ڪو به نه ڏيکاري رهيو آهي اهو ته آهي 88 سيڪڙو منافعو وزيراعظم کي ڏنو ويو، هڪ ارب 17 ڪروڙ روپيا وزيراعظم کي ڏنا ويا، خواجا حآرث چيو ته هل ميٽل حسين نواز جي ڪمپني آهي جيڪا خودمختيار آهي حسين نواز پنهنجي والد کي پيسا ڏنا، جنهن تي عظمت سعيد رمارڪس ڏنا ته سڀ شيون آهن اسان اکيون بند نه ڪنداسين خواجا حارث دليل مڪمل ڪندي چيوته جي آئي ٽي رپورٽ ۾ وزيراعظم، جي خلاف ڪجھه نه اهي ادب سان گذارش آهي ته فيصلي ۾ احتياط ڪيو وڃي، جنهن تي جسٽس اعجاز الا حسن رمارڪس ڏنا ڏسڻو آهي ته اسانکي فيصلو ڪرڻو آهي يا ٽرائيل ڪورٽ ڏانهن موڪلڻو آهي حققيقت اها آهي ته فيصلو عدالت کي اختيار آهي، توهانکي سمورا پتا ظاهر ڪرڻا هئا، ججن چيو ته پهريان عبوري حڪم هيو هاڻي فيصلو ٿيندو ان ڳالهه جو ڪو به ثبوت نه آهي ته وزيراعظم پاڻ ڪنهن به پراپرٽِي جو مالڪ نه آهي. جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ۾ چيو ته ٻه صوتون هيون اسان درخواست رد ڪيون يا مڃون يا چاهيون ته ائين فيصلو ڪري ڇڏيو پر اسان قانون کي مدنظڙ رکيو پنهنجي خلاف الزامن جو جواب ٽرائيل ڪورٽ ۾ ڏنو جيترو رڪارڊ ڏيڻو آهي توهان عدالت کي ڏيو، توهان تحفا وصول ڪري پاڪستاني رپئي ۾ تبديل ڪيا توهانجي بيان جي تصديق ويڊيو رڪارڊنگ مان ٿي سگھي ٿي، طارق حسين ايڊووڪيٽ چيو ته جي آئي ٽي منهنجي موئڪل قصور وار ڇو چيو جي آئي ٽي جو رويو صحيح نه هيو، جنهن تي جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏنا ته اسانجي رويي تي به اعتراض آهي ، ڇا  توهانجو هل ميٽل ۾ سيٽلمينٽ ۾ ڪرادار نه آهي اسان توهان جا نڪتا نوٽ ڪيون ٿا، جيڪڏهن توهانجو ڪردار نه آهي ته پوءِ ڳڻتي ڪرڻ جي ضرورت نه آهي هل ميٽل جو اشو به اڃان زنداه آهي جنهن طارق حسن چيو ته مان پنهنجي لاءِ نه پر پنهنجي موڪل لاءِ پريشان آهيان جنهن تي اعجاز افضل رمارڪس ڏنا نعيم بخاري چئي چڪو آهي ته وڪيل نه هارايندو پر موڪل هارائنيدو ويندو آهي، ان کانپوءِ سپريمڪورٽ ناڻي واري وزير  اسحاق ڊار دستاويز جمع ڪرائيندي چيو اڄ صبح ساڍي 9 وڳي تائين ڪندي ملتوي ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *