پاناما ڪيس جو فيصلو آئين ۽ قانون جي فتح آهي، الله جو شڪر آهي سپريم ڪورٽ مان سرخرو ٿي نڪري رهيا آهيون : سراج الحق

اسلام آباد (اين اين آءِ) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو ته پاناما جو فيصلو آئين ۽ قانون جي فتح آهي الله جو شڪر آهي ته اسان سپريم ڪورٽ مان ڪامياب ٿي نڪري رهيا آهيون، جمعي تي سپريمڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو جماعت اسلامي هميشا آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجي پاناما تي درخواست کڻي سپريم ڪورٽ وياسين ۽ ڪيس جي ڀرپور پيروي ڪئي مان انهن ماڻهن جو ٿورائتو آهيان جن ڪرپشن کان فري پاڪستان بنائڻ ۾ اسانجو ساٿ ڏنو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *