![](https://sarwan.pk/sarwan/uploads/2015/11/imran1.jpg)
اسلام آباد (م.ڊ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته جنيد جمشيد جي موت تي سخت ڏک ٿيو آهي، جنيد جمشيد شوڪت خانم اسپتال جي ٺهڻ ۾ منهنجي ڏاڍي مدد ڪئي، جهاز حادثي ۾ شهيد سڀني ماڻهن جي مغفرت جي لاءِ دعا ٿو ڪريان، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان جو چوڻ هو ته جهاز حادثي جي جلد کان جلد جاچ ڪرائي وڃي، پي آءِ اي جو سيفٽي رڪارڊ گھڻو سٺو ناهي، ڊي سي چترال جي شهادت تي افسوس ٿيو هو ڏاڍو قابل انسان هو، پاناما ڪيس ۾ عدالت چيو آهي ته ادارا ڪم نه پيا ڪن، عدالت پاناما معاملي تي ڪميشن ٺاهڻ جي صلاح ڏني، ڪميشن جي ٺهڻ بابت پارٽي عهديدارن سان صلاح ڪئي، پاناما جي جاچ لاءِ ڪميشن نه ٿا چاهيون، اسان چاهيون ٿا ته سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بئنچ ئي ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ۽ ڪيس جي ٻڌڻي روزانو جي بنياد ڪئي وڃي، ڇو ته سپريم ڪورٽ کي سڀ ڄاڻ ملي چڪي آهي، جيڪڏهن ڪميشن ٺهڻ ضروري آهي ته پهريان نواز شريف استعيفيٰ ڏئي پوءِ ڪميشن ٺاهي وڃي، سپريم ڪورٽ تي پورو اعتماد آهي ان اعتماد جي ڪري ئي اسان ان مقام تي پهتا آهيون، عمران خان چيو ته ملڪ جي ٻن وڏن چورن جي به جھڙتي ورتي وڃي، اسان جي اها فتح آهي ته انهن ٻنهي کي پنهنجي آمدنيءَ جي ذريعن بابت راز کولڻا پيا پون. عدالت ۾ ٻڌڻيءَ دوران اسان جي ان موقف جي تائيد ٿئي ٿي ته ادارا زبون حاليءَ جو شڪار آهن، اهو ئي سبب آهي جو اسان اسلام آباد کي لاڪ ڊائون ڪرڻ بدران سپريم ڪورٽ تي اعتماد جو اظهار ڪندي عدالت ۾ ڪيس وڙهڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن تي اسان جي پارٽيءَ تي سخت تنقيد ڪئي وئي. نعيم بخاري سڀاڻي تحريڪ انصاف جو موقف عدالت ۾ پيش ڪندو. عمران خان جو چوڻ هو ته اسان سمجھون ٿا ته سڀاڻي اسان ڪيس کٽي سگھون ٿا، تقرير سياسي هجڻ جو مطلب اهو آهي ته وزيراعظم ڪوڙ پيو ڳالهائي، قوم جو پئسو چوري ٿيو، حڪومت ڪوڙ پئي ڳالهائي، شيخ رشيد صحيح چوندو آهي ته کير جي سنڀال تي ٻِلي کي رکيو آهي، برطانيا جي وزيراعظم کي رڳو افيئر تي استعيفيٰ ڏيڻي پئي.36