
نيو يارڪ(اي پي پي) گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته حڪومت پاناما پيپرز جي شفاف جاچ چاهي ٿي ۽ ان مقصد لاءِ ڪميشن قائم ڪرڻ طرف اڳڀرائي ڪئي وئي آهي، ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ ڪميشن جي قيام جو اعلان متوقع آهي. سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبرن برطانيه، چين، فرانس، روس ۽ امريڪا جي نمائندن ۽ ايراني حڪومت کي پاڪستان ۾ ڀارتي ڳجهي اداري جي آفيسر جي گرفتاري ۽ سرگرمين بابت آگاهه ڪيو ويو آهي. امريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني صحافين سان گڏيل قومن جي اداري ۾ پاڪستان جي سفير مليحه لوڌي جي رهائش گاهه تي ڳالهين دوران گهرو وزير پانامه ليڪس بابت سوالن جي جواب ۾ چيو ته ڪجهه چڙ ڏياريندڙ بيانن سان اهڙو ماحول پيدا ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ جي ٻن ريٽائرڊ ججن ڪميشن جي سربراهي ۾ آڇ قبول ڪرڻ کان معذرت ڪري ورتي. هن چيو ته سياسي پارٽين ۽ ماڻهن طرفان جڊيشل ڪميشن ۽پارليامينٽ کان جاچ جا مختلف مطالبا سامهون آيا، هاڻي ان سلسلي ۾ ڪافي اڳڀرائي ٿي آهي جنهن جو هاڪاري نتيجو نڪرندو. گهرو وزير چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف پاناما پيپرز جي انڪشافن بابت سڀ کان اڳ ۾ رد عمل ڏنو ۽ هن پاڻ قوم کي خطاب ۾ جڊيشل ڪميشن جي قيام جي تجويز ڏني.