پاناما ليڪس ۾ وڌيڪ 4 سئو ماڻهن جا نالا آهن، اهم قومي معاملي سبب جمهوريت کي سخت خطرو آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ پاناما ليڪس معاملي تي تحريڪ التوا جمع ڪرائي ڇڏي آهي، قرارداد جي متن ۾ چيو ويو آهي ته معمول جي ڪارروائي روڪي اهم معاملي تي بحث ڪرايو وڃي، ميڊيا رپورٽس مطابق پاناما ليڪس جي ٻي قسط سان پاناما اسڪينڊل وڌيڪ اهميت جو حامل ٿي ويو آهي، پاناما ليڪس ۾ اهم سياسي شخصيتن ۽ سندن دوستن جا نالا سامهون آيا آهن جنهن سان هڪ طوفان برپا ٿيو آهي، هن چيو ته پاناما ليڪس ۾ وڌيڪ 4 سئو ماڻهن جا نالا آهن ۽ هي هڪ اهم قومي معاملو آهي جنهن سان جمهوريت کي سخت خطرو آهي، شيخ رشيد چيو ته جيڪڏهن جمهوريت کي بچائڻو آهي ته پاناما ليڪس جو غير جانبدار احتساب ڪرايو وڃي، هن چيو ته جن جا نالا پاناما ۾ آيا آهن اهي قومي ڏوهاري آهن، ٻاهرين ملڪن ۾ پيسو موڪليندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *