پاناما ليڪس معاملي تي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ آزاد ڪميشن جوڙيو وڃي، هن ڀيري رائيونڊ جو رخ ڪنداسين: عمران خان

اسلام آباد(بيورو) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان پاناما ليڪس معامي تي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته پاناما ليڪس مخالف ڌر جي سازش نه آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو ته پاناما ليڪس اپوزيشن جي سازش نه آهي پاناما ليڪس مان ٻه شيو ن نڪتيون جن کي لڪايو ويو. هن چيو ته هتي شوڪت خانم جو ذڪر ڪيئن آيو؟ پاناما ليڪس ۾ ته ان جو نالو نه آيو هو.  عمران خان وڌيڪ چيو ته هي معاملو تڏهن آيو جڏهن وزير اعظم جي پٽن جو نالو پاناما ليڪس ۾ آيو. شوڪت خانم اڪيلي اسپتال آهي جتي ڪينسر جي مريضن جو مفت علاج ٿيندو آهي.عمران خان جي خطاب دوران حڪومتي ميمبر شيم شيم جا نعرا هنيا ۽ هُل ڪيو. جنهن تي عمران خان چيو ته وفاقي وزير منهنجي باري ۾ جيڪو ڪجھه چيو آئون چپ ٿي ٻڌندو رهيس. هنن کي حوصلو ڪري منهنجي ڳالهه ٻڌڻ گھرجي. جمهوريت لاءِ حوصلو گھرجي. عمران خان چيو ته وزير اعظم پنهنجي پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪري. پاناما ليڪس جي معاملي جي جاچ لاءِ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ عدالتي ڪميشن جوڙيو وڃي. ڪميشن ۾ فارنزڪ ماهر به شامل ڪيا وڃن. عمران خان ان موقعي تي روڊن تي نڪرڻ جو چتاءُ ڏيندي چيو ته معاملي جي صحيح جاچ لاءِ با اختيار ۽ آزاد ڪميشن نه جوڙيو ويو ته اسين روڊن تي نڪري اچڻ تي مجبور هونداسين. اسان جو روڊن تي نڪرڻ جمهوريت خلاف نه هوندو. ان موقعي تي حڪومتي وزيرن وري هُل ڪيو، جنهن تي عمران خان چيو ته ڀلي بني گالا، شوڪت خانم جي به جاچ ڪئي وڃي. هن چيو ته منهنجي به جاچ ڪرائي وڃي. مونکي ڪو اعتراض ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *