پاناما ليڪس معاملي تي سڄي قوم کي رائيونڊ ۾ گڏ ڪرڻ جو اعلان، عمران خان پاران وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان پاناما ليڪس معاملي تي سڄي قوم کي رائيونڊ ۾ گڏ ڪرڻ جو اعلان ڪندي وزير اعظم نواز شريف کان استعيفا جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. سندس چوڻ آهي ته پاناما ليڪس ذريعي ملڪ جي تقدير مٽائڻ جو موقعو مليو آهي، پاناما ليڪس اسان جو ڪم نه آهي، الله طرفان آهي، لڳي ٿو ته الله کي پاڪستانين تي رحم اچي ويو آهي، بني گالا ۾ قوم سان خطاب ڪندي عمران خان جو چوڻ هو ته امپائر جي آڱر مٿي کڄي چُڪي آهي، ايمپائر الله آهي ۽ الله اسان جي مدد ڪئي آهي، پاڪستان  کي بچائڻ جي ذميواري اسان جي آهي هن چيو ته آئيس لينڊ جو عوام پنهنجي حڪمرانن خلاف رستن لهي آيو آهي، جهالت، ظلم ۽ ناانصافي آڏو بيهڻو آهي، عمران خان جو چوڻ هو ته پاڪستانين کي پنهنجي پئسن ۽ حقن جي حفاظت ڪرڻي پوندي، ڪو به سپر پاور پاڪستانين جي مدد نه ڪندو، اپوزيشن ليڊر آهيان پي ٽي وي تي خطاب جو موقعو ملڻ کپي ها، قوم کي پنهنجو رستو تبديل ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. عمران خان چيو ته وزير اعظم پي ٽي وي تي قوم کي خطاب ۾ ڪوڙ ڳالهايو، آف شور ڪمپنين ذريعي پئسا لڪائيندڙ ظاهر ٿي ويا آهن، نواز شريف قوم لاءِ نه پر پنهنجي ٻارن لاءِ خطاب ڪيو. هن چيو ته وزير اعظم عوام گهمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هي حڪمران آهن يا بليڪ ميلر؟ شوڪت خانم جي سال جي بجيٽ 8 ارب رپيا آهي، ڇا توهان کي آخرت ۾ الله کي جواب ڏيڻو آهي يا وزير اعظم کي؟، هن چيو ته شريف خاندان کي کنگ به ٿي ته ٻاهر هليا وڃن ٿا، حڪومت جو ڪم چورن ۽ ڏوهارين کي پڪڙڻ آهي، مني لانڊرنگ، ڪرپشن ۽ پئسا لڪائڻ جي سزا جيل آهي هن چيو ته ميان صاحب جي نالي ٻه ڪمپنيون نڪري آيون آهن، جيڪي ڊڪليئر ناهن ڪيون ويون. 24 اپريل تي ڌرڻي جي حڪمت عملي جو اعلان ڪنداسين. هن چيو ته اسين چپ ڪري ويهڻ واران ناهيون، رائيونڊ ۾ رڳو پي ٽي آءِ کي نه سڄي قوم کي گڏ ڪندس، رائيونڊ جو گهرائو ڪري ڌرڻو هڻنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *