پاناما ليڪس سخت سياسي مخالفن کي ويجھو آڻي ڇڏيو، شيخ رشيد جي بلاول سان ملاقات

راولپنڊي(م.ڊ) پاناما ليڪس معاملي سخت سياسي مخالفن کي ويجھو آڻي ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب پيپلزپارٽي جي چيئرميبن ڀلاول ڀٽو زرداري سان عوامي ليگ جي سربراهه شيخ رشيد ملاقات ڪئي آهي. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات دوران پاناما ليڪس سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيوته سمورين جاين تي احتساب ٿيڻ گھرجي. ڪرپشن جي خاتمي لاءِ احتساب ضروري آهي. شيخ رشيد بلاول سان ملاقات کانپوءِ بيان ڏيندي ميڊيا کي ٻڌايو ته عوامي ماڻهو آهيون، هميشه ملڻ جي خواهش رهندي آهي. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات سٺي رهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *