پاناما ليڪس جي جاچ انٽرنيشنل فرانزڪ آڊٽ ڪمپني کان ڪرائي وڃي: اعتزاز احسن

لاهور (م.ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته پاناما ليڪس جي جاچ انٽرنيشنل فرانزڪ آڊٽ ڪمپني کان ڪرائي وڃي، اها ڪمپني پارليماني ڪميٽي يا چيف جسٽس کي رپورٽ ڪري، خابرو ادارن موجب ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن جو چوڻ هو ته اتفاق فائونڊيشن کي به آڊٽ ڪيو وڃي، جاچ جي شروعات وزير اعظم ۽ سندس خاندان کان ڪئي وڃي، ڇو ته وزير اعظم جي ٻارن اربين رپين جي ملڪيت جي ميڊيا تي تصديق ڪري ڇڏي آهي، اهي اثاثا قوم آڏو ڇو نه رکيا ويا، سندس چوڻ هو ته قوم پريشان آهي حڪومت ان بابت معاملن کي حل ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *