پاناما ليڪس:لاهور هائيڪورٽ ۾ وزيراعظم نواز شريف کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور

لاهور (م.ڊ) لاهور هائيڪورٽ پاناما ليڪس جي بنياد تي وزيراعظم نواز شريف کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ داخل ڪيل درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي، تحريڪ انصاف لائرز فورم جي صدر گوهر نواز سڌو پاناما ليڪس جي بنياد تي وزيراعظم نواز شريف کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ لاهور هائيڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي، درخواست ۾ موقف ڏنو ويو ته سياستدانن ملڪي ناڻو لٽي پرڏيهه ۾ ملڪيت ٺاهي آهي، پاناما ليڪس جي ڪاغذن جي بنياد تي اهڙن سياستدانن کي نااهل قرار ڏنو وڃي ۽ انهن خلاف مني لانڊرنگ جو ڪيس داخل ڪيو وڃي، هائيڪورٽ جي رجسٽرار آفيس طرفان درخواست ۾ وزيراعظم کي ڌر بڻائڻ تي اعتراض واريو ويو، رجسٽرار آفيس جي اهڙي اعتراض خلاف پٽيشنر سڌي ريت هائيڪورٽ سان رابطو ڪيو، جنهن آفيس جو اعتراض ختم ڪندي درخواست شروعاتي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي، لاهور هائيڪورٽ رجسٽرار آفيس کي هدايت ڪئي آهي ته درخواست جي ٻڌڻي لاءِ تاريخ مقرر ڪئي وڃي.001

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *