پاناما ليڪس، وزير اعظم نااهل نه ٿيو، سپريم ڪورٽ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم ڏنو آهي، جي آءِ ٽي ۾ ايم آءِ، ايف آءِ اي، ايس اي سي ٽي جا نمائندا شامل هوندا، جي آءِ ٽي 60 ڏينهن ۾ جاچ مڪمل ڪندي، خميس تي سپريم ڪورٽ روم نمبر هڪ ۾ بينچ جي سربراهه جسٽس آصف سعيد کوسي پاناما ڪيس جو 540 صفحن تي ٻڌل پهريان کان محفوظ ٿيل فيصلو پڙهي ٻڌايو، اهو فيصلو جسٽس اعجاز افضل خان لکيو، بينچ ۾ شامل 5 مان 2 ججن جسٽس آصف سعيد کوسي ۽ جسٽس گلزار احمد وزيراعظم کي ڊي نوٽيفائي ڪرڻ جو چيو، وڌيڪ 3 ججن معاملي جي جاچ جو اظهار ڪيو، قانون موجب 3 ججن جي فيصلي تي عمل ٿيندو، جسٽس آصف سعيد کوسي فيصلو ٻڌائڻ کان اڳ چيو ته فيصلو 547 صفحن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ سڀني پنهنجي راءِ ڏني آهي، اميد آهي ته جيڪو به فيصلو هوندو، عدالت ۾ جذبن جو اطهار نه ڪيو ويندو، فيصلي جي شروعاتي نقطن ۾ چيو ويو ته رقم ڪيئن قطر منتقل ڪئي وئي ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي، فيصلي ۾ چيو ويو ته نيب جو چيئرمين راضي نه ڏٺو ويو ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي، نيب جي چيئرمين پنهنجو ڪم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، ان لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وئي، فيصلي ۾ چيو ويو ته وزيراعظم نواز شريف ۽ ان جو خاندان حسن ۽ حسين نواز کي جي آءِ ٽي جي اڳيان پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي هدايت ڪئي وئي ته جي آءِ ٽي هر هفتي کانپوءِ سپريم ڪورٽ بينچ اڳيان پنهنجي رپورٽ پيش ڪري، بي بي سي موجب چيف جسٽس ان رپورٽ جي روشني ۾ هڪ جدا بينچ جوڙيندو، گڏيل جاچ ٽيم ۾ ايف آءِ اي جو هڪ نمائندو هوندو جيڪو ايڊيشنل ڊائريڪٽر جي عهدي کان گهٽ نه هوندو، انکانسواءِ هڪ هڪ نمائندو نيب، سيڪيورٽي ۽ ايڪسچينج ڪميشن ۽ اسٽيٽ بينڪ مان هوندو، آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ مان به 2 تجربي وارا آفيسر ان ڪميٽي ۾ شامل هوندا، سمورن نمائندن کي ان جي ادارن جا سربراهه نامزد ڪندا، ان ادارن جا سربراهه 7 ڏينهن ۾ نمائندن جا نالا بينچ اڳيان جمع ڪرائين، سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو ته ڊي جي ايف آءِ اي وائيٽ ڪالر ڪرائيم جي جاچ ۾ ناڪام رهي آهي، ياد رهي ته جسٽس آصف سعيد کوسي، جسٽس عظمت سعيد شيخ، جسٽس اعجاز افضل، جسٽس گلزار احمد ۽ جسٽس اعجاز الحسن تي ٻڌل 5 ميمبرن واري بينچ روز جي بنياد تي ٻڌڻي کانپوءِ پاناما ڪيس جو فيصلو 23 فيبروري تي محفوظ ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *