پاناما دستاويزن ۾ نواز شريف ۽ شهباز شريف جي سچائي تي مهر لڳائي وئي، انهن جا ٻاهرين ملڪن ۾ اثاثا ناهن: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو)  اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته پاناما دستاويزن ۾ وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير محمد شهباز شريف جي سچائي تي مهر لڳائي وئي آهي ته ان جا ٻاهرين ملڪن ۾ اثاثا ۽ ملڪيتون نه آهن، بي بنياد الزام هڻڻ وارا ان ڳالهه جو سرٽيفڪيٽ ڏيندا ته انهن جا ٻاهرين ملڪن رهندڙ رت جا رشتيدار پنهنجي تعليم ڇا چرچ جي چندي تي حاصل ڪري رهيا آهن، عمران خان بني گالا جي محل جي زمين جي معاملي کي چئلينج ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ جو ان جي اڳوڻي گهرواري پاران عطيو ۽ ان جي فليٽ جي وڪري بابت ڪهاڻين ۾ ڪيترائي تڪرار ۽ جهول آهن، پاڪستان مسلم ليگ (ن) منفي سياست تي يقين ناهي رکندي ۽ نه ئي ملڪي سياست ۾ اهڙي روايتن کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن ڪتاب ”اسلام آباد ٽريول گائيڊ“ جي مهورتي تقريب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. سينيٽر پرويز رشيد چيو ته عمران خان پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قيادت تي بي بنياد الزام هڻي رهيو آهي ۽ پاناما دستاويز پي ٽي آءِ جي چيئرمين کي ڪوڙو قرار ڏنو آهي، هن چيو ته هو نٿو چوي ته عمران خان سياست تان استعيفيٰ ڏي، تنهن هوندي به اسان غلط الزام هڻڻ تي کانئس معافي گهرڻ جو نه ٿا چئون پر گهٽ ۾ گهٽ شرمندگي جو اظهار ته ڪري، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيراعظم جي خاندان جا ماڻهو ڊگهي عرصي تائين ٻاهرين ملڪ رهيا آهن ۽ وزيراعظم جي پٽن کي ملڪ اچڻ کان زبردستي روڪيو ويو، ان لاءِ هن ٻاهرين ملڪ پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيو ۽ اهو ڏوهه نه آهي، اهڙي طرح ٻاهرين ملڪ رهندڙ لکين پاڪستاني ٻين ملڪن ۾ پنهنجو ڪاروبار ڪندا آهن، هن چيو ته وزيراعظم جي پٽن وائيٽ مني کان پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيو ۽ هو باقاعده ٽيڪس ادا ڪري رهيا آهن، هنن ڪو غير قانوني ڪم ناهي ڪيو، هن چيو ته بي بنياد الزام لڳايا ويا، ان ڳالهه جو سرٽيفڪيٽ ڏين ته سندن ٻاهرين ملڪ رهندڙ رت جا رشتيدار پنهنجي تعليم ڇا چرچ جي چندي تي حاصل ڪري رهيا آهن؟ هن چيو ته عمران خان کي ننڍڙي ڳالهه کي وڏو ڪرڻ جي عادت ڇڏي ڏيڻ گهرجي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزير چيو ته شريف خاندان کي ماضي ۾ ڪيتريون ئي ناانصافيون ڏسڻيون پيون، ان جي والد 1939ع ۾ پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيو، جڏهن اتفاق فائونڊري قومي ورثي ۾ ورتي وئي ته ان جي بدلي ۾ ان کي ڪو به معاوضو نه مليو، سينيٽر پرويز رشيد چيو ته 1999ع ۾ شريف خاندان کي زبردستي ملڪ کان ٻاهر موڪليو ويو ۽ ان جي ڪاروبار تي قبضو ڪيو ويو، سندس خانداني گهر کي اولڊ ايج هوم بڻايو ويو، انهن سببن جي بنياد تي وزيراعظم جي پٽن مجبورن ٻاهرين ملڪ پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيو، وفاقي وزير چيو ته نواز شريف جو ٽريڪ رڪارڊ شفاف آهي، جيتوڻيڪ ان جي بدترين دشمنن به انهن تي ان جي اڳوڻي حڪومت جي دورن ۾ بدعنواني جو ڪو الزام ناهي هنيو، هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو جڏهن وزيراعظم هئي ته هن محمد نواز شريف جي خلاف بدعنواني جو ڪو به الزام نه لڳايو پر سياسي پوائنٽ اسڪورنگ جي لاءِ ذاتي ڪاروبار کي نشانو بڻايو، اهڙي طرح پرويز مشرف موٽر وي ٽيلي ڪام ۽ بئنڪنگ جي شعبي جي وڏن منصوبن ۾ سيڙپڪاري فنڊن جي استعمال ۾ گهپلن جو ڪوبه ڪيس داخل نه ڪري سگهيو، اطلاعات واري وزير چيو ته عمران خان جي بني گالا جي محل جي زمين جي معاملي کي چئلينج ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ جو ان جي اڳوڻي گهرواري پاران عطئي ۽ سندس فليٽ جي وڪري بابت ڪهاڻين ۾ ڪيترائي تضاد آهن. 002

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *