پاناما جا انڪشاف ۽ آيل نوان بحران ….! : جاويد احمد چانڊيو

پاناما جي پر اسرار ٿيندڙ انڪشافن دنيان ۾ هڪ نئون زوردار ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي. دنيا جي ٽاپ ليول تي دولت مند پارٽيون وڏي مشڪلاتن ڏکيائن آزمائشن ۽ بحرانن کي منهن ڏيئي رهيون آهن.حق سچ هميشه قائم دائم رهندو آهي.حق سچ جي هميشه جيت ٿيندي آهي حق سچ کي ڪو به لهر لوڏو نه هوندو آهي.ڪوڙ فريب دوکي بازي جي دنيا گهڻو وقت هلي نه سگندي آهي.پاناما ليڪس جي انڪشافن جي معاملي دنيا جي حالاتن جا رخ موڙي ڇڏيا آهن.پاناما ليڪس جي انڪشاف دنيان جي ڪنهن به سياسي توڙي دولت مند پارٽين تي سياسي حملو نه ٿو چئي سگهجي .نه ئي وري ڪنهن جي سازش  ۽ان کي سياسي مفادن جي جنگ به نه ٿو چئي سگهجي.پاناما سچ ۽ حقيقتن جو پردو کنيو آهي پاناما ته اهو الزام نه لڳايو آهي ته دولتمند پارٽين جا اثاثا۽ ڪاروبار  جائز توڙي ناجائز هلي رهيا آهن. پاناما رڳو نشاهدي ڪئي آهي ته ڪنهن وٽ ڪيتري دولت ۽ اثاثا قيمتي مالدار  منافع بخش ڪمپنيون ڪٿي هلي رهيون آهن. انهن جو تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي. ۽ دنيا جي سطح تي معاملو  هڪ اهم اشو بڻجي ويو آهي. جنهن ڪري عوام ۾ نئون بحث به ڇيڙي وڌو آهي.پاناماليڪس جي انڪشافن جي زد ۾ دنيا جون ٽاپ تي دولت مند پارٽين کي وائکو ڪيو ويو آهي.جڏهن ته پاڪستان جي ٽاپ دولت مند پارٽين جا نالا به اچي چڪا آهن جنهن ۾ موجوده وزير اعظم ميان محمد نواز شريف جو خاندان.اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري شجاعت حسين جو خاندان.اڳوڻي وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو.سيف الله خاندان.تهمينه دراني خاندان.پ پ جو سينيٽر رحمان ملڪ.صدرالدين هاشواڻي.جاويد پاشا.لڪي مروت جو معروف صيف الله خاندان مان سينيٽر عثمان صيف الله،انور صيف الله سليم صيف الله،همايو صيف الله ۽ انهن جا ٻيا ڀائر به شامل آهن انهن ڪمپنين جا هانگ ڪانگ،سينگاپور،آرلينڊ ۽ ٻين ملڪن م بنئڪ اڪائونٽس آهن جتان لين دين  هلي ٿي.

پاڪستان جي ڪيترن سياستدانن صنتعڪارن.حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ججن ۽ ڪامورن جا ٻاهرين ملڪن ۾ ڪاروبار هلي رهيا آهن جڏهن ته ان معاملي ۾ روز نوان سوشل ميڊيا تي سياسي رنگ ڀرجي رهيا آهن.زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ سينئر تجزيا نگار  پنهنجي خيالن جو کلي طرح اظهار ڪري رهيا آهن. حڪومت ۽ مخالف ڌريون به گرما گرمي بحث ڪري رهيون آهن. مسلم ليگ (ن) سرڪار خلاف سياسي مخالف ڌرين به هڪ صف ۾ بيهڻ شروع ڪري ڏنو آهي.جڏهن ته حڪومت مخالف ڌرين هڪ ٻئي سان رابطه ۽ ويجهڙائپ ٿيڻ لڳي آهي.مستقبل ۾ ڇا ٿيڻو آهي ان جو ته ايندڙ وقت پاڻ ثابت ڪندو هلڻ بازي شور شرابا هڪ ٻئي تي سنگين قسم جا الزام لڳائڻ هڪ ڪلچر بڻجي ويو آهي تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان پ پ جو پارلياميٽ ليڊر سيد خورشيد شاهه .جي يو آءِ جي مولانا فضل الرحمان. جماعت اسلامي جو امير سراج الحق.مسلم ليگ (ض) جي اعجاز الحق ۽ ٻيا ڪيترائي سياستدان پنهنجو موقف بيان ڪري چڪا آهن.حالات جي موقعي جا سياسي کلاڙي وڏي گيم جو سهارو وٺي رهيا آهن .۽ وڌيڪ سرگرم ٿي ويا آهن ڏسجي ته انهن جو زور ڪٿي دنگ ڪندو.هن وقت سوشل ميڊيا پاناما جي انڪشافن جو وڏو موضوع بڻيل آهي.سچ ۽ ڪوڙ  جي پرک به ضرور ٿيڻي آهي.وڏا قيمتي اثاثا ۽ وڏي ماليت جو قيمتي ڪاروباري ڪمپنيون دنيا جي مختلف شخصيتن جون ظاهر ٿيون آهن.دنيا جي دولت مند طاقتور ڌرين جااثاثا ۽ ڪاروبار هن وقت هلندڙ آهن پاناما جي انڪشافن کان پوءِ حڪومت ۽ مخالف ڌريون به هڪ ٻئي خلاف الزامن لڳائڻ ۾ تيز ٿي ويون آهن.الزام لڳائڻ کان سواءِ سياسي مات ڏيڻ لاءِ هڪ ٻئي کي سوڙهون رکڻ لاءِ جتن ٿي رهيا آهن.وزير اعظم ميان محمد نواز شريف قوم کي اعتماد وٺڻ لاءِ  خصوصي خطاب دوران پنهنجي خاندان جو ذڪر ۽ ڪاروبار جو تفصيل ظاهر ڪيو  ۽منافعو ۽نقصان جي ڄاڻ به ڏني.مخالف ڌر جي اڪثر جماعتن وزير اعظم ميان محمد نواز شريف جي بيان ٿيل حقائت کي رد ڪري ڇڏيو.جنهن کان پوءِ معاملو گرم ٿيندي نظر آيو.وفاقي حڪومت سان لاڳاپيل  اڪثر ڪابينا حڪومت جي تحفظ ۽ خدشا ختم ڪرڻ لاءِ سرگرم مصروف آهن. وفاقي حڪومت سان لاڳاپيل وزير پرويز رشيد، دانيا عزيز ۽ ٻيا مسلم ليگ (ن) اڳواڻ به وزير اعظم ميان محمد نواز شريف جا ظاهر ٿيل قيمتي اثاثا لڳل الزامن جو ڀرپور طريقي سان دفاع ڪري رهيا آهن.

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد به ميدان خالي ناهي ڇڏيو هن جو چوڻ آهي ته جلد شريف برادران جابدعنواني جا تمام ٻيا ثبوت به ظاهر ٿيندا ڪرپٽ حڪمرانن جي وڃڻ جو وقت ويجهو پهتو آهي. انهن کي عوامي لٽيل دولت جو حساب ڏيڻو پوندو.هو هاڻي احتساب کان بچي نه ٿا سگهن.حڪومت ۽ مخالف ڌرين جون سياسي جهڙپون ٿيڻ معمول بڻجي چڪيون آهن.تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان صاف شفاف تحقياتي ۽ هر قسم جي احتساب جي شروعات لاءِ پاڻ کي رضاڪارانه طور پيش ڪري ڇڏيو آهي.جيڪو نهايت بهترين قدم جي شروعات آهي صاف شفاف آزاد تحقيات حق آهي.بغير ڪنهن تڪراري جي شروعات هجڻ نهايت ضروري آهي.ڇوته انهي عمل سان انتشار پکڙڻ جو رستو رڪجي سگهي ٿو.صاف شفاف آزاد بغير ڪنهن جي دٻاءُ احتساب تي عمل ڪرڻ سان عوام جو اعتماد ۽ ساک بحال ٿيندي آهي.ڏٺو وڃي ته تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان تمام وڌيڪ زور ڏنو آهي ته صاف شفاف تحقيات عالمي ادارن کان به مدد وٺڻ سان معاملو بهتر انداز ۾ حل ٿي سگهي ٿو. هن شعيب سڊل تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. وفاقي وزير داخلا چوڌري نثارعلي خان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جو شرط قبول ڪري ورتو آهي. شريف برادران جي مرضي واري تحقيات سان خدشا ۽ شڪ جنم وٺي سگهن ٿا.تحقياتي ادارا شريف برادران جي فردن کان بيروني ملڪيتن اثاثن ڪمپنين بابت مڪمل ڄاڻ ورتي پئي وڃي. جنهن جا بيان ۽ صفايون به سو شل ميڊيا تي اچڻ شروع ٿي ويون آهن.بيانن ۽ صفائي جي روشني ۾  مخالف ڌر وڏو تضاد ڏيکاري رهي آهي. تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جو اهو به چوڻ آهي ته عوام نڪرڻ لاءِ تيار آهي هن دفعي اسلام آباد جي ڊي چوڪ بجاءِ عوامي ڌرڻو لاهور جي رائيونڊ ۾ لڳندو.سياسي وڌندڙ ڇڪتاڻ سان ڪيترائي وڏا بحران جنم وٺي سگهن ٿا .پاناما ليڪس جي انڪشافن کان پوءِ ڪنهن مخصوص ڌر کي سياسي انقامي نشانو بنائڻ غلط هوندو .جيڪي دولتمند پارٽين وائکيون ٿيون آهن انصاف برابري جي بنيادن تي صاف شفاف ۽ آزاد احتساب ٿيڻ ۾ ڪو هرج نه آهي پاناما ليڪس جن گروپن کي کولي ڇڏيو ان سلسلي ۾ مختلف آل پارٽيز  جي موقف جي اهميت کي به نظر انداز نه ڪيو وڃي. ميان محمد نواز شريف سرڪار کي به سنجيدگي ڏيکارڻ ضروري آهي .

صاف شفاف تحقيات جي مڪمل رپورٽ اچڻ تائين ملڪ جي تمام سياسي ڌرين کي ڏاهپ دانشمندي صبر برادشت اتحاد اتفاق ڀائيچاري جي فضا ۽ جمهوريت جي روايتن کي وسارڻ نه گهرجي.جمهوريت جو به پنهنجي حقيقي پٽڙي تي هلڻ ضروري آهي.ڇڪتاڻ ضد هٺ ڌرمي سان هميشه جمهوريت ڪلچر جو خون ٿيو آهي.۽ ان سان مارشلاجي اچڻ جا امڪان موجود رهن ٿا.دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به مختلف قسم جا اشو نڪري ايندا آهن جنهن کي تمام بهتر انداز ۽ بغير ڪنهن نقصان ۽ بغير ڪنهن تڪرار جي حل ڪيا ويندا آهي.اقتدار ۽ احتساب جي اصل طاقت عوام هوندو آهي.اقتدار عوام جي امانت آهي.خيانت وڏو سنگين ڏوهه آهي. برابري انصاف ٿيڻ سان معاشري ۾ ترقي خوشحالي امن سڪون جي فضا قائم ٿيندي آهي.برطانيه جي وزير اعظم ڊيوڊ ڪيمرون تي بدعنواني ظاهر ٿيڻ تي عوامي دٻاءُ تحت استيفيٰ ڏيڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي.جڏهن ته پاناما جو ٻيون مرحلي وار قسطو به ن اچي رهيون آهن وڌيڪ تفصيل حقيقتون اچڻ کان پوءِ وڌيڪ احتساب جو عمل به شروع ٿيڻ وارو آهي.پاناماجو هلندڙ سلسلو رڪجي نه ٿو سگهجي.ڪرپشن. بدعنواني ڪرڻ وطن سان غداري آهي.لٽيرن جو احتساب حقيقي انقلاب جي شروعات آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *