پاناما اسڪينڊل ۾ شامل سمورن ماڻهن جو حساب ٿيڻ گهرجي: سراج الحق

سوات (ويب ڊيسڪ): جماعت اسلامي امير سراج الحق چيو آهي ته ڪرپٽ حڪمرانن جو مقابلو ڪرڻ جو حوصلو وڌيڪ وڌي ويو، ڪالام ۾ شموليتي جلسي کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو آهي ته ڪرپٽ حڪمرانن کي جيلن ۾ اماڻڻ تائين آرام سان نه ويهنداسين، هن چيو ته نواز شريف کي قوم جي مينڊيٽ جو احترام نه ڪرڻ جي سزا ملي، هن چيو ته پاناما اسڪينڊل ۾ شامل سمورن ماڻهن جو حساب ٿيڻ گهرجي، سراج الحق چيو ته عوام جماعت اسلامي جو ساٿ ڏئي، ملڪ جو ايندڙ سربراهه صادق ۽ امين هوندو، ملڪ جي هر اداري جي سربراهه لاءِ 62 ۽ 63 لاڳو ٿيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *